ورلڊ جون ٽاپ فور ٽيمون ڪهڙيون هونديون؟ گريگ چيپل جي اڳڪٿي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي آسٽريلوي ڪرڪيٽر  ۽ ڀارتي ٽيم جي هيڊ ڪوچ گريگ چيپل ڀارت ۾ رٿيل ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ٽاپ فور ٽيمن بابت اڳڪٿي ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب، آسٽريلوي ڪرڪيٽر گريگ چيپل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته پاڪستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ميزبان ڀارت ٽاپ فور ۾ ڪواليفاءِ ڪري سگهن ٿيون.

هن چيو ته ميگا ايونٽ ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن ته ايشيائي ٽيمون ان ڪنڊيشن  سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون پر آسٽريليا ۽ انگلينڊ کي مضبوظ ٽيم هجڻ سبب فهرست ۾ جاءِ ڏئي رهيو آهيان جڏهن ته پاڪستان ۽ ڀارت ڪنڊيشن جي لحاظ کان هڪ جهڙيون ٽيمون آهن.

ان کان اڳ آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪگرا، انگلش ڪپتان آئن مورگن به پاڪستان، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ڀارت کي سيمي فائنلسٽ ٽيمن جي حوالي سان اڳڪٿي ڪئي هئي جڏهن ته اي بي ڊيويليئرز پاڪستان بدران ڏکڻ آفريڪا کي فهرست ۾ جاءِ ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.