ڀرياسٽي (ويب ڊيسڪ) ڀرياسٽي ڀرسان ڳوٺ قاسم کاهي ۾ پيءُ پاران ڌيءَسان مبينا زيادتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڳوٺ ۾ ست ڏينهن اڳ 14 ورهين جي نينگري کي وحشي پيءُ اصغر سولنگي پاران زبردستي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
متاثر نينگري جي ڀاءُ جنيد سولنگي ميڊيا کي ٻڌايو ته وحشي پيءُ ڀيڻ کي زبردستي زيادتي جو نشانو بڻايو آهي ڀيڻ ٻن ڏينهن تائين تڙپندي رهي پر سندس ڪنهن به علاج نه ڪرايو.
اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته وحشي پيءُ کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.
متاثر نينگري جي ميڊيڪل لاءِ بندوبست به ڪيو ويو.
متاثر نينگري ميڊيا کي ٻڌايو ته پيءُ زيادتي ڪئي آهي کيس سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
ميڊيا تي خبر هلڻ بعد پوليس ڪيس داخل ڪري جوابدار اصغر سولنگي کي لاڪپ ڪري ڇڏيو.
الزام هيٺ آيل جوابدار جو چوڻ هو ته ڌيءَ پنهنجي مرضي سان شادي ڪرڻ چاهي پئي تنهنڪري ماءُ ۽ ڌيءُ گڏجي الزام هنيو آهي.