حڪومت پهرين آگسٽ 2023ع کان پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ اٽڪل ويهه رُپيا واڌ ڪري چڪي آهي، پاڪستان ۾ هن وقت پيٽرول جي قيمت في ليٽر ٻه سئو نوي رُپيا پنجيتاليهه پئسا آهي جڏهن ته ڊيزل جي في ليٽر قيمت 293.40 رُپيا آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ 81.25 ڊالر في بيرل ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، هن وقت، برينٽ ڪروڊ 84.80 ڊالر في بيرل تي ٽريڊ ڪري رهيو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ تيل اگهن ۾ آيل لاٿ کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ به وڏي لاٿ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ پيٽرول 96 رُپيا 72 پئسا ۽ ڊيزل 89 رُپيا 62 پئسا في ليٽر ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پر ان کان پهرين جو اوهان پيٽرول پمپ ڏانهن گاڏيون، ڪين، بوتلون ۽ بالٽيون کڻي ڊوڙ لڳايو، اِهو ڄاڻي وٺو ته تيل اگهن ۾ لاٿ جو اعلان ڀارت ۾ ڪيو ويو آهي.