فاطمه کي انصاف ڏيارڻ لاءِ اڄ ڪراچي ريس ڪلب آڏو احتجاج رٿيل

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ناليواري سماجي ڪارڪن فضا پتافي بلوچ چيو آهي ته ڪنهن کي به اهو اختيار نه آهي ته هو غريب خاندانن جي ڌيئرن تي تشدد،تذليل يا کين قتل ڪري، اچو ته بي آواز ٻارن ۽ انهن جي خاندانن لاءِ وڪيل بڻجون، هن لکيو ته اڄ شام 4 وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ اسان سان شامل ٿيڻ لاءِ ياد رکو

وائيس آف راڻي پور پاران اڄ ريلي ڪڍڻ جو اعلان

راڻيپور: واقعي خلاف اڄ وائيس آف راڻي پور پاران ريلي  ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ريلي راڻيپور جي السجاد ريسٽورنٽ کان باب دستگير گيٽ تائين ڪڍي ويندي جنهن ۾ وائيس آف راڻي پور جا اڳواڻ ڊاڪٽر نظير کوکر، ساجد منگريو  علي امداد لاڙڪ ،۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي ويندي جنهن ۾ ضلعي سميت مختلف علائقن جا سوشل ورڪر صحافي سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيندا ان حوالي سان ڊاڪٽر نذير کوکر پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته نيگري فاطمه جو قتل پوري انسانيت جو قتل آهي ان واقعي پوري دنيا ۾ اسان جا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيا آهن ملوث ڪردارن کي سزا ملڻ تائين پنهنجي تحرڪ جاري رکي ويندي سڀاڻي نڪرندڙ ريلي ۾ سنڌ جي شعور جا هر ماڻهو شرڪت ڪندو شهيد فاطمہ اسان جي قوم جي نياڻي هئي ان جي خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.