ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ به سوين رپين جي واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 1500 رپيا واڌ کانپوءِ ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 26 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 1286 رپيا واڌ کانپوءِ هڪ لک 94 هزار 444 رپين جو ٿي ويو آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 5 ڊالر گهٽجڻ سان 889 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.