ٻارن جي سيريل ڪلر نرس تي 7 تازو ڄاول ٻارن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) بارطانوي تاريخ ۾ ٻارن جي بدترين سيريل ڪِلر نرس لوسي ليٽبي تي 7 تازن ڄاول ٻارن کي قتل ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿي ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب اتر اوڀر برطانيا جي ڪائونٽيز آف چيسٽر اسپتال ۾ ٻارن جي وارڊ ۾ ڪم ڪندڙ نرس لوس ليٽبي تي 7 تازن ڄاول ٻارن کي انسولين ذريعي زهر ڏئي قتل ڪرڻ جڏهن ته وڌيڪ 10 بارن کي مارڻ جي ڪوشش جا الزام لڳايا ويا هئا.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر موقف اپنايو هو ته ٻه هزار پندرنهن ۽ سورنهن جي عرصي ۾ ڪائونٽيز آف چيسٽر اسپتال ۾ ملازمت ڪندڙ 33 ورهين جي نرس لوسي ليٽبي 5 تازو ڄاول ڇوڪرن ۽ 2 تازو ڄاول ڇوڪرين کي مبينا طور تي قتل ڪيو.

پر هاڻ لوسي ليٽبي تي 7 تازو ڄاول ٻارن کي قتل ڪرڻ ۽ 6 وڌيڪ ٻارن کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڏوهه ثابت ٿي ويو آهي.

نرس لوسي کي مڪمل عمر قيد جي سزا ملڻ جو امڪان آهي، يعني هوءَ موت تائين جيل ۾ رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.