سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا حلف کڻي ورتو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي 10 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو پر انهن جي قلمدان جا تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.

نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر جي موجودگي ۾ سندس ڪابينا جي حلف برداري تقريب ٿي، جنهن ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري حلف کڻايو.

گورنر هائوس ڪراچي ۾ حلف کڻندڙن ۾ يوس ڍاگا، ڊاڪٽر سعد خالد نياز، ڊاڪٽر جنيد علي شاهه، مبين جماڻي، بريگيڊيئر حارث نواز، مسز رعنا حسين، ايشور لال، عمر سومرو، ارشد ولي محمد ۽ خدا بخش مري شامل آهن.

حلف برداري تقريب جي شروعات قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي، تقريب جي ميزباني جا فرض چيف سيڪريٽري انجام ڏنا، ان موقعي تي قائم مقام آءِ جي، صوبائي سيڪريٽريز، نگران وزيرن جا گهر ڀاتي ۽ ٻيا به موجود هئا.

گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ نگران وڏي وزير نگران ڪابينا جي ميمبرن کي مبارڪون ڏنيون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.