اداڪارا ماهرا خان جي ڊگھي عرصي کان پوءِ ”رضيا“ جي ڪردار ۾ واپسي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان ڊگھي عرصي بعد اسڪرين تي واپسي ڪئي آهي، هن ڀيري هوءَ (رضيا) بڻجي انوکو ڪردار ادا ڪندي نظر ايندي، اداڪارا جي نئين ايندڙ ننڍي فلم سيريز جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي.

ڊگھي عرصي بعد ماهرا خان ننڍي اسڪرين تي واپس اچي رهي آهي، هوءَ خانگي ٽي وي چينل تي نشر ٿيندڙ نئين سيريز ”رضيا“ ۾ نظر ايندي جتي پاڪستان ۾ عورت جي تلخ حقيقت کي ڳوليو ويو آهي.

ماهران خان هلندڙ هفتي پهريان هڪ ٽيزر جاري ڪيو هو جنهن ۾ هن لکيو هو ته جڏهن آئون ڪهاڻي ٻڌي ته آئون ترت دل سان ها ڪري ڇڏي، ان ڪهاڻي جو حصو بڻجڻ لاءِ شڪرگذار آهيان.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Mahira Khan (@mahirahkhan)

هاڻ گذريل ڏينهن سيريز جو ٽريلر جاري ٿيو آهي، ماهران خان ٽريلر جي وڊيو پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي شيئر ڪندي لکيو ته هر اها عورت جنهن کي آئون سڃانان ٿي اها رضيا آهي، رضيا جهڙيون نظر اينديون آهن يا رضيا سان ملندڙ جلندڙ آهن، اها ڪهاڻي اسان سڀ لاءِ آهي، جيڪا سان جي نمائندگي ڪري ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.