بابر اعظم سان دوستيءَ سبب نقصان ٿيو، عثمان قادر جون ڇرڪائيندڙ ڳالهيون

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) قومي ڪرڪيٽر عثمان قادر جو چوڻ آهي ته بابر اعظم جي دوستي مونکي فائدي کان وڌيڪ نقصان پهچايو، اسان ٻنهي تي دٻاءُ رهيو.

هڪ انٽرويوءَ دوران عثمان قادر چيو ته بابر اعظم سان منهنجا لاڳاپا اڄڪلهه جا ناهن اسان ٻنهي انڊر 15 جي ٽرائلز به گڏ ڏنا هئا.

هن چيو ته مون کي بابر نه مصباح الحق ٽيم ۾ آندو، هي پاڪستان جي ٽيم آهي بابر اعظم جي نه، جيڪڏهن دوستي جي بنياد تي شامل ٿيان ها ته ڪڏهن به ٻاهر نه ٿيان ها.

سندس چوڻ هوته بابر سان دوستي مونکي سدائين مهانگي پئي، فائدي کان وڌيڪ نقصان پهتو، اسان ٻنهي تي سدائين دٻاءُ رهيو.

ليگ اسپنر چيو ته مون کي پنهنجي ڪارڪردگي ثابت ڪرڻ لاءِ مسلسل موقعا نه ڏنا ويا، ٽيم ۾ اِن آئوٽ وارو مسئلو سڀني سان رهيو آهي.

عثمان قادر جو چوڻ هوته ليگ ڪرڪيٽ سميت جتي موقعو ملي رهيو آهي، پنهنجي ڪارڪردگي ۽ فٽنس ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

هن چيو ته علائقائي ڪرڪيٽ ۾ بهترين پرفارمنس سان هڪ ڀيرو وري پاڻ کي قومي ٽيم ۾ واپسي لاءِ اهل ثابت ڪرڻ چاهيان ٿو.

عثمان قادر چيو ته شاداب خان ۽ اساما مير جي موجودگي ۾ مقابلو چئلينجگ ٿي چڪو آهي، مون کي ڄاڻ آهي ته واپسي سولي ناهي پر منهنجو ڪم محنت ڪري پاڻ کي سليڪشن جي اهل بڻائڻ آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ڪئناڊا ليگ کيڏڻ جو تجربو ڏاڍو سٺو رهيو، هاڻي نيٽ پريڪٽس ۾ غلطيون ختم ڪرڻ تي ڌيان آهي، مان دعاڳو آهيان  ته پاڪستان ايشيا ڪپ ۽ ورلڊ ڪپ جا ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.