بشريٰ بي بي جيل ۾ عمران خان کي زهر ڏيڻ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي پنجاب جي گهرو سيڪريٽري کي خط لکي پنهنجي مڙس لاءِ 4 مطالبا ڪري ڇڏيا.

پنجاب جي گهرو سيڪريٽري نالي لکيل خط ۾ بشريٰ بي بي چيو ته عدالت منهنجي مڙس کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، بنا ڪنهن جواز جي مڙس کي اٽڪ جيل ۾ قيد رکيو ويو آهي، قانون موجب منهنجي مڙس کي اڊيالا جيل منتقل ڪيو وڃي.

خط ۾ چيو ويو آهي ته منهنجو مڙس اڳوڻو وزيراعظم آهي، هو آڪسفورڊ جو گريجوئيٽ ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان آهي، هو جن عهدن تي رهيو آهي، ان حساب سان سهولتون اٽڪ جيل ۾ ناهن، اٽڪ جيل ۾ بنيادي سهولتون به ناهن.

بشريٰ بي بي موجب مڙس تي قاتلاڻي حملا ٿي چڪا آهن، اڃا تائين جوابدار به گرفتار ناهن ٿيا، عمران خان جي حياتي کي اڃا تائين خطرو آهي، خدشو آهي ته کيس اٽڪ جيل ۾ زهر ڏنو ويندو، تنهن ڪري ان کي گهر جي کاڌي جي اجازت ڏني وڃي.

خط ۾ بشريٰ بي بي چيو آهي ته جيل قانون موجب مڙس کي پرائيويٽ ڊاڪٽر کان طبي معائنو ڪرائڻ جو حق آهي، مڙس کي جيل قانونن موجب سهولتون نه ڏيڻ تي قانوني انڪوائري جو مطالبو ڪيان ٿي، منهنجي مڙس کي بي ڪلاس، اڊيالا جيل منتقلي، پرائيويٽ ڊاڪٽر ۽ گهر جي کاڌي جي اجازت ڏني وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.