”سٺو لڳي ٿو ته ڪنهن ٻار منهنجو کير پيتو“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) مائرون هاڻي انهن ٻارن لاءِ کير گڏ ڪري رهيون آهن جن کي ماءُ جو کير نٿو ملي سگهي.

ڀارت ۾ بريسٽ ملڪ بينڪ ۾ هاڻي مائريون انهن ٻارن لاءِ پنهنجو کير عطيو ڪن ٿيون جن جون مائرون کير پيارڻ جي صلاحيت نٿيون رکن.

اهي مائرون ڪنهن نه ڪنهن سبب جي ڪري ٻارن کي کير نٿيون پياري سگهن.

ذريعن موجب هيل تائين 400 ٻار ان ملڪ بينڪ مان کير حاصل ڪري رهيا آهن ۽ 700 کان وڌيڪ مائرون پنهنجو کير هن ملڪ بينڪ ۾ عطيو ڪري چڪيون آهن.

کير عطيو ڪندڙ هڪ عورت جو چوڻ آهي ته سٺو لڳندو آهي ته ڪنهن ٻار منهنجو کير پيتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.