رياض ( ويب ڊيسڪ ) سعودي پرو ليگ ۾ شريڪ پرتگال جي اسٽار فٽبالر النصر جي ڪپتان ڪرسٽيانو رونالڊو کانپوءِ نيمار جونيئر به شاهاڻي زندگي گذاريندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، سعودي پرو ليگ ۾ النصر جي مخالف ٽيم الهلال ڪجهه ڏينهن اڳ برازيلي ڪپتان نيمار جونيئر سان ٻه سالا معاهدو ڪيو آهي.
معاهدي تحت کيس نوي ملين يورو يعني ( اٺاويهه ارب پنج ڪروڙ ستاويهه لک پاڪستاني رُپين کان وڌيڪ) جي رقم ملندي جڏهن ته گڏوگڏ 25 ڪمرن تي ٻڌل مينشن ( حويلي ) ۽ اٺ شاندار گاڏين جو بيٽرا به ملندو.
رپورٽن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته برازيل جي فارورڊ پليئر پنهنجي ڪٽنب ۽ دوستن لاءِ وڏي گهر جو مطالبو ڪيو هو.
نيمار الهلال کان هڪ سوئس شيف جڏهن ته برازيل مان پنهنجي ذاتي شيف کانسواءِ ٻن ماڻهن کي صفائي لاءِ مقرر ڪرايو آهي.
ان کانسواءِ اچ وڃ لاءِ کيس ٽي لگزري ڪارن سان گڏوگڏ پنهنجي ساٿين لاءِ چار مرسڊيز جي ويگن ۽ پنهنجي ڊرائيور لاءِ هڪ مرسڊيز وين به ڏني وئي آهي.
رپورٽن موجب، فٽبالر لاءِ هڪ ڊرائيور چويهه ڪلاڪ مقرر هوندو، جڏهن ته فيملي ۽ دوستن لاءِ نجي هوائي جهاز جي سروس به ملندي.