نوشهرو فيروز (ويب ڊيسڪ) راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ تشدد سان مارجي ويل ٻارڙي فاطمه جي قبر ڪشائي ڪئي وئي.
قبر جي کوٽائي کانپوءِ ڊاڪٽرن جي ٽيم ٻارڙي فاطمه جو لاش ڪڍي جڊيشل مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ ان جو معائنو ڪيو.
ذريعن موجب ٻارڙي جو لاش نارمل حالت ۾ هو، ان موقعي تي ميڊيا کي پري رکيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽرن عضون جا نمونا حاصل ڪيا.
قبر ڪشائي کانپوءِ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، جنهن لاءِ ميديڪل ٽيم ۾ ڊاڪٽر عقيل قريشي، ڊاڪٽر امن الله، ڊاڪٽر ثمينه سيد، پروفيسر ڊاڪٽر ذڪيه الدين احمد، ڊاڪٽر گلزار علي، ڊاڪٽر وقار، ڊاڪٽر جاويد ميمڻ شامل آهن، ان کانسواءِ ڊاڪٽر سلطان احمد، ڊاڪٽر ياسمين جوکيو به ميڊيڪل ٽيم جو حصو آهي.
قبر ڪشائي ۽ پوسٽ مارٽم کانپوءِ ٻارڙي جو لاش ٻيهر دفنايو ويو.