اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي يونيورسٽي ۾ شاگردياڻيءَ کي مبينا لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ بعد کيس ميل ميل ڪيو ويو .
اسلام آباد جي شهزاد ٽائون ٿاڻي جي پوليس شاگردياڻي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي جنهن ۾ چئن ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو آهي.
ايف آءِ آر ۾ شاگردياڻي طرفان ڄاڻايو آهي ته جوابدار اڻوڻندڙ وڊيو ٺاهي کيس ڇهن مهينن تائين بليڪ ميل ڪندا رهيا.
ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته بليڪ ميل ڪري مون کان سونا زيور ۽ روڪ رقم به ورتي ويندي هئي.