ڀارت طرفان پاڻي ڇڏڻ سبب ستلج درياهه ۾ گنڊا سنگهه وٽ مٿانهين درجي جي ٻوڏ، لڏپلاڻ

بهاولنگر ( ويب ڊيسڪ ) ستلج درياهه ۾ ڀارت طرفان ڇڏيل پاڻي سبب مٿانهين درجي جي ٻوڏ اچي وئي جنهن کانپوءِ انتظاميا طرفان الرٽ جاري ڪيو ويو آهي.

قدرتي آفتن کي منهن ڏيندڙ صوبائي اداري ( پي ڊي ايم اي ) پنجاب جي ترجمان چيو ته ستلج درياهه ۾ مٿانهين کان به انتهائي مٿانهين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي.

گنڊا سنگهه واري هنڌ وٽ پاڻي جي سطح ٽيويهه فٽ تائين بلند ۽ وهڪرو ٻه لک اٺهتر هزار ڪيوسڪ آهي، هيڊ سليمانڪي وٽان اسي هزار ڪيوسڪ پاڻي جو وهڪرو گذري رهيو آهي.

پاڪ فوج کي امدادي ڪم لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، درياهه ۾ چاڙهه سبب 53 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي فوري لڏپلاڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

پي ڊي ايم اي ترجمان موجب، ڀارت طرفان 21 آگسٽ تائين روزاني بنيادن تي پاڻي ڇڏڻ جا اطلاع آهن، ٻوڏ سبب ڪيئي حفاظتي بندن جي ٽٽڻ ۽ وسندين جي ٻڏڻ جو خطرو آهي.

ٻئي پاسي منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح انتهائي بلند ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.