ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي چيو آهي ته اڳوڻي حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتن آدمشماري کي نوٽيفاءِ ڪيو کين پتو هو ته تڪبنديون ٿينديون.
ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صادق سنجراڻي چيو ته بلوچستان جو آواز بلوچستان جا سينيٽرز اُٿاري رهيا آهن ۽ نگران وزيرِ اعظم سان بلوچستان جي عوام کي اميد جو ڪرڻو نظر آيو آهي پر بلوچستان جي ترقي لاءِ کوڙ سارا وسيلا گهربل آهن.
هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽ چيئرمين جو چوڻ هو ته گذريل حڪومت ۾ شامل اتحادي جماعتن آدم شماري کي نوٽيفاءِ ڪيو، سڀني کي خبر هئي ته تڪبنديون ٿينديون.
سينيٽ چيئرمين چيو ته يقين ڪريو چونڊون ٿينديون ۽ وقت تي ٿينديون، تڪبندين جيئن مڪمل ٿينديون اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ جو اعلان ڪندو، قوم مطمئن رهي، اليڪشن ڪميشن چونڊون وقت سر ڪرائيندو.
مُلڪ جي صدر بابت سوال تي صادق سنجراڻي چيو ته نوَ سپٽيمبر تي صدر جو مدو ختم ٿي رهيو آهي، نئين صدر جي چونڊ تائين صدر پنهنجي منصب تي رهندو، نئين صدر جي چونڊ تڏهن ٿيندي جڏهن چئني صوبن ۽ وفاق ۾ اليڪٽرول ڪالج مڪمل ٿيندو.