پي ٽي آءِ چيئرمين چوندو هو” مان فوج خلاف انقلاب آڻڻ چاهيان ٿو“ : پرويز خٽڪ

پشاور( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد ۾ ويهي سموري مُلڪ کي هلائڻ چاهيندو ۽ هو چوندو ته هو فوج جي خلاف انقلاب آڻڻ چاهي ٿو.

هڪ بيان ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽيرينز  جي سربراهه پرويز خٽڪ چيو ته مون سان گڏ هن وقت 35 کان چاليهه اليڪٽ ايبلز آهن ۽ ٻيا به رابطي ۾ آهن.

هن چيو ته اليڪٽ ايبلز جا پنهنجا ووٽ هوندا آهن، پي ٽي آءِ چيئرمين کي چونڊن ۾ پتو پئجي ويندو.

پرويز خٽڪ جو چوڻ هو ته فيبروري ۾ چونڊون هر صورت ۾ ٿيڻ گهرجن، جيڪڏهن معاملو عدالتن ۾ ويو ته چونڊون دير جو شڪار ٿي وينديون.

هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اسلام آباد ۾ ويهي سموري مُلڪ جو ڪاروهنوار هلائڻ چاهي پيو، هو چوندو ته هو فوج خلاف انقلاب آڻڻ چاهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.