فيصل آباد (ويب ڊيسڪ ) سُپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج ۽ نامزد چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمان تي فرض آهي ته هو جهاد ڪري.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جڙانوالا ۾ عيسيٰ نگري جو دورو ڪيو ۽ متاثرن سان ملاقات ڪئي، جڏهن ته هن مختلف گهرن جو به معائنو ڪيو.
ان موقعي تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ متاثرن جي روڪ مالي مدد ڪئي ۽ سندس زال متاثرن ۾ راشن ورهايو.
ان موقعي تي متاثرن سان ڳالهه ٻول ڪندي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته جڙانوالا واقعي جو تمام گهڻو افسوس ٿيو، اوهان جي ڏُک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، اوهان کي به باقي سڀني وانگر حق حاصل آهن، سڀ برابر جا شهري آهن ۽ ڪنهن کي ڪنهن تي ڪائي برتري حاصل ناهي.
هن چيو ته ڪو مسلمان اهڙو ناهي جيڪو حضرت عيسيٰ کي پيغمبر نه مڃي، اوهان کي چرچ بڻائڻ جو ايترو ئي حق آهي جيترو مسلمان کي مسجد ٺاهڻ جو آهي، گرجا گهرن تي ڪو حملو ڪري ته مسلمانن تي اِهو فرض آهي ته هو جهاد ڪن.
نامزد چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته پنهنجي عهدي جي ڪري هتي ناهيان آيو، هڪ شهري طور تي ٻئي شهري وٽ آيو آهيان، هر انسان جو فرض آهي ته اوهان جي مدد ڪري.