حسان نيازي سان روپوشي دوران فوج جو ميجر رابطي ۾ هو

لاهور (عوامي آواز نيوز) لاهور  ۾9 مئي تي ڪور ڪمانڊر هائوس ۾ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ ۽ باهه ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل حسان نيازي سان روپوشيءَ  دوران  هڪ ميجر ايبٽ آباد ۾ رابطي هيٺ هو. جنهن حسان نيازي کي فون ڪئي ته  ڪال ٽريس ٿي ۽ آپريشن جي نگراني ڪندڙ هڪ ٻئي ميجر حسان نيازي کي گرفتار ڪيو.

نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته 14 آگسٽ تي آرمي چيف کي ڪاڪول اڪيڊمي ۾ خطاب ڪرڻو هو، ان جي آمد کان اڳ علائقي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويو، ان دوران آپريشن جي نگراني ڪندڙ  ميجر کي اندازو ٿيو ته سندس اداري جو هڪ ميجر حسان نيازي سان رابطي  ۾ آهي.

ان اڳ وٺي ان ميجر کي چيو ته حسان نيازي هٿ اچي ويو ته ان ميجر اتان اٿي حسان نيازي کي واءِ فاءِ نيٽ ورڪ ذريعي واٽس ايپ ڪال ڪئي ته اها ڪال ٽريس ٿي وئي ۽ حسان نيازي جيتوڻيڪ جاءِ تبديل ڪئي پر گرفتار ٿي ويو.

حسان نيازي سان جيڪو ميجر رابطي  ۾ هو، ضرور ان خلاف به ادارا جاتي ڪارروائي ٿيندي. جڏهن ته حسان نيازي  کي به ابتدائي  جاچ بعد فوج حوالي ڪيو ويو آهي.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 19 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.