لاهور (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي وڪيلن طرفان چونڊون 90 ڏينهن ۾ ڪرائڻ بابت پٽيشن داخل ٿيڻ کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر جي چيف جسٽس سان 2 ڪلاڪ ملاقات مان اندازو ٿئي ٿو ته چيف جسٽس کي اسٽيبلشمينٽ جو پيغام پهچايو ويو آهي.
نامياري صحافي سيد عمران شفقت جو چوڻ آهي ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ نه ڪرائڻ بابت اهم ملاقات کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اعلان ڪيو آهي، ڇو ته چونڊون دير سان ڪرائڻ بابت ٺوس آئيني جواز ڳولهيو ويو آهي.
ان ڪري به چيف اليڪشن ڪمشنر ضرور چيف جسٽس کي گذارش ڪئي هوندي ته پٽيشن تي ايئن نه ٿئي ته اوهان مون کي عدالت ۾ آڻي بيهاريو، ڇو ته چونڊون فيبروريءَ ۾ ڪرائڻ جو فيصلو اڳوڻي اتحادي حڪومت ۽ اسٽبلشمينٽ جو گڏيل فيصلو آهي.
ان ڪري نٿو لڳي ته هاڻي عدليا ان حوالي سان ڪو اڳرائيءَ وارو قدم کڻندي.
نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 19 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي