ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جيل يا لنڊن ويندي !

لاهور (عوامي آواز نيوز)  سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس مريم نواز جي ضمانت رد ڪرڻ لاءِ نيب جي 4 سال پراڻي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي.

نامياري صحافي امداد سومري جو چوڻ آهي ته هاڻي ڏسڻو آهي ته مريم نواز جيل ۾ ٿي وڃي يا لنڊن رواني ٿي وڃي ڇو ته درخواست تي 22 آگسٽ تي ٻڌڻي آهي.

خبر نه آهي ته چيف جسٽس ڪهڙي نيت سان درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪئي آهي.

ساڳي طرح راڻا ثناءُ الله  ۽ نواز شريف جي ويجهو رهندڙ ڪامورن احد چيمه ۽ فواد حسن فواد خلاف به داخل درخواستون ٻڌني لاءِ مقرر ڪيون ويون آهن.

نوٽ: هي خبر روزاني عوامي آواز ڇنڇر 19 آگسٽ 2023ع تي شايع ٿي 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.