خيبر ( ويب ڊيسڪ ) باڙا جي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين دوران ٻه دهشتگرد مارجي ويا.
غيبي نيڪا نالي علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جو ناڪابندي دوران دهشتگردن سان مقابلو ٿيو.
ذريعن موجب، ناڪابندي وٽان گذرندڙ دهشتگردن سيڪيورٽي فورسز جي ناڪي تي فائرنگ ڪري ڏني.
فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا، مارجي ويل دهشتگرن جو تعلق اورڪزئي ضلعي سان آهي.
فائرنگ دوران ٻن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻه دهشتگرد فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جن جي ڳولا جاري آهي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ سيڪيورٽي اهلڪار محفوظ رهيا.