خيرپور ڀرسان معمولي ڳالهه تان ننڍي ڀاءُ هٿان وڏو ڀاءُ قتل

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ڀرسان ھڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ ٻن معصوم ڀائرن ۾ جهيڙو ٿي پيو جھيڙي دوران ڇريون لڳڻ سبب  ننڍي ڀاءُ ھٿان وڏو ڀاءُ قتل  ٿي ويو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته خيرپور ڀرسان ھڱورجا ٿاڻي جي حد ڳوٺسائينداد سولنگي ۾ ٻارن جي معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو ۽ جھيڙي دوران ڀاءُ 10ورهين جي ننڍي ڀاءُ پنھنجي 11ورهين جي وڏي ڀاءُ شهمير سولنگي کي ڇري هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏھن ته مقتول کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي موت جي تصديق ڪئي ھوڏانھن لاش گهر پھچڻ تي گھر ۾ ڪهرام ويو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.