فالج ۾ دماغي سيلن کي نقصان پهچندو آهي ۽ جسم جو ڪو به حصو مفلوج ٿي وڃي ٿو. جيڪڏهن فوري طور تي ان جو علاج ملي وڃي ته ان جي شدت کي گهٽائي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن ماڻهو ان موتمار مرض جي علامتن کي ٻين بيمارين وانگر هلڪو وٺندو ۽ علاج ۾ دير ڪندو ته اهو عمل خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.
فالج جي دوري کانپوءِ هر گذرندڙ منٽ ۾ دماغ اڻويهه لک سيلن کان محروم ٿيندو آهي ۽ هڪ ڪلاڪ تائين علاج نه ٿيڻ جي صورت ۾ دماغي عمر ۾ ساڍي ٽن سالن جي گهٽتائي ٿي ويندي آهي. علاج ۾ جيتري دير ٿيندي ويندي اوتري ئي ڳالهائڻ ۾ ڏکيائيون، يادداشت گهٽجڻ ۽ ٻيا مسئلا وڌندا ويندا