انٽرنيٽ تي نظرن کي دوکو ڏيندڙ تصويرون پسند ڪيون وينديون آهن ۽ اهڙي ئي هڪ ڳجهارت به ماڻهن کي منجهائي ڇڏيو.
چيو ويو ته اها اکين جي ٽيسٽ آهي جنهن ۾ ماڻهن کان سوال ڪيو ويو ته هڪ ڳاڙهي ٽٻڪي ۾ لڪيل تصوير ڏسڻ ۾ اوهان ڪامياب ٿيو ٿا يا نه؟
هي تصوير سڀ کان پهريان پلي بز ۾ شايع ٿي هئي ۽ پوءِ فيس بڪ سميت ٻي سوشل ميڊيا تي نظر آئي.
ڪجهه ماڻهن ڊائرنگ کي ڏسي دعويٰ ڪئي ته هي هڪ جانور آهي پر گهڻن ماڻهن مختلف اندازا لڳايا.
اڪثر ماڻهن چيو ته اسان کي ڪجهه نظر نٿو اچي.
اوهان کي ٻڌايون ته اصل ۾ ڳاڙهي دائري۾ هڪ گهوڙي جي تصوير آهي ۽ ان جي تفصيلي تصوير ۾ گهوڙي جي پيرن ۾ گاهه به نظر اچي ٿو.