سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گھڻي عرصي کان اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ماڻهن جي قوت خريداري متاثر ٿي آهي. پر ايپل جا آءِ فونز اڃا به سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿي رهيا آهن.
ڊسپلي سپلاءِ چين ڪنسلٽنٽس (ڊي ايس سي سي) جي رپورٽ موجب اپريل کان جون 2023ع دوران آءِ فون 14 دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فون رهيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ان عرصي دوران آءِ فون 14 جو مارڪيٽ شيئر 15.3 سيڪڙو رهيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ايپل جا آءِ فونز ئي ان عرصي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيا.
آءِ فون 14 کان پوءِ آءِ فون 13، 11.1 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان گڏ ٻيون سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ ماڊل رهيو.
10.7 سيڪڙو شيئر سان گڏ آءِ فون 14 پرو ميڪس ٽين جڏهن ته 9.2 سيڪڙو شيئر سان گڏ آءِ فون 14 پرو جي حصي ۾ چوٿون نمبر آيو.
گيليڪسي ايس 23 الٽرا 5 نمبر تي رهيو.
ان کان اڳ جنوري کان مارچ 2023ع دوران به سڄي دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيندڙ فونز ۾ ايپل سڀ کان وڌيڪ وڪرو ٿيا هئا.