جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ جارحاڻي بيٽر اي بي ڊويليئرز ڀارت ۾ شيڊيول ورلڊ ڪپ لاءِ پنهنجي ٽاپ 4 ٽيمن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي.
اي بي ڊويليئرز پنهنجي يوٽيوب چئنل تي هڪ دلچسپ سيشن رکيو، جنهن ۾ هن ورلڊ ڪپ جي سيمي فائنل تائين پهچندڙ ٽيمن جا نالا ٻڌايا.
هن اڳڪٿي ڪئي ته ڏکڻ آفريقا، آسٽريليا، انگلينڊ ۽ ميزبان ڀارت سيمي فائنل ۾ پهچندا، اي بي ڊويليئرز سيمي فائنلسٽ ٽيمن ۾ پاڪستان جو نالو نه کنيو.
سندس چوڻ هو ته پروٽيز جو اسڪواڊ تمام سٺو آهي پر تجربي ڪار ناهي، مون کي خبر آهي ته اسان جو ڪوچ روب والٽر ڇا ڪرڻ چاهي ٿو.