کوهه ۾ ڪِريل جانور کي بچائيندي 5 ڄڻا فوت

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست جهار کنڊ ۾ کوهه ۾ ڪِريل جانور کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو ڀارت جي اوڀر واري رياست جها رکنڊ جي پسڪا ڳوٺ ۾ پيش آيو جتي کوهه جو هڪ حصو ڪِري پيو.

نيشنل ڊزاسٽر ريسپانس فورس طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهو واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن کوهه ۾ ڪِريل جانور کي بچائڻ لاءِ واري واري سان 9 ڄڻا کوهه ۾ لٿا ۽ انهيءَ وقت کوهه جو هڪ حصو ڪِري پيو.

ميڊيا رپورٽن موجب واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو عمل شروع ڪيو ويو ۽ کوهه ۾ دٻيل ماڻهن جون حياتيون بچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر بدقسمتي سان ان واقعي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا.

جهار کنڊ جي وڏي وزير هيمنت سورين کوهه جو هڪ حصو ڪرڻ سبب 5 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته ريسڪيو عمل هيل تائين جاري آهي ان ڪري فوتگين جي درست انگ جو اندازو نٿو لڳائي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.