راڻي پور (ويب ڊسڪ) راڻي پور ۾ پير جي حويلي ۾ قتل ٿيندڙ 10 ورهين جي ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي ڪيس ۾ شاهديون گڏ ڪرڻ لاءِ انڪوائري ٽيم راڻي پور پهتي.
ذريعن موجب فرانزڪ ٽيم لاڙڪاڻي کان راڻي پور پهتي، اي ايس پي گمبٽ نعمان ظفر به ٽيم سان گڏ هو، فرانزڪ ٽيم جوابدار اسد شاهه جي گهر مان شاهديون گڏ ڪيون ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي جاچ جاري آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته راڻي پور ٿاڻي جي هيڊ محرر محمد خان شيخ کي به گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪيس ۾ هر سهولتڪار کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
ڪيس جي وڌيڪ جاچ لاءِ ٺاهيل ٽيم ٻارڙي فاطمه جي گهر جو به دورو ڪيو، ٽيم ۾ اي ايس پي گمبٽ، سي ٽي ڊي اهلڪارن سميت ٻيا آفيسر شامل هئا.
جاچ ٽيم فاطمه ڦرڙو جي گهر ۾ دفن ڪيل ڪپڙا به تحويل ۾ وٺي ڇڏيا، ٻارڙي جا ڪپڙا ان جي تدفين کان اڳ گهر جي احاطي ۾ پُوريا ويا هئا.