دير (ويب ڊيسڪ) نصر الله جي محبت ۾ ڀارت کان پاڪستان پهتل عورت انجو کان پوءِ 53 ورهين جي ڪمبرلي ڊان به عباس جي محبت ۾ لوئر دير پهچي وئي.
53 ورهين جي ڪمبرلي ڊان نالي آمريڪي عورت پاڪستاني نوجوان عباس جي محبت ۾ دير جي تعلقي ترنائو اسبنڙ پهتي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب ترنائو اسبنڙ سان واسطو رکندڙ عباس يونيوسٽي جو شاگرد آهي جنهن جي رابطو ست سمنڊ پار آمريڪا ۾ رهندڙ ڪيمبرلي سان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيسبڪ تي ٿيو پر ان وقت ٻنهي سوچيو ئي نه هو ته هو ڪڏهن شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويندا، ان کان پوءِ ٻنهي جي دوستي محبت ۾ تبديل ٿي وئي.
رپورٽ موجب ڪمبرلي ڊان ئي عباس کي شادي جي آڇ ڪئي هئي جنهن کان پوءِ ڪيمبرلي پاڪستان اچي وئي.
عباس جي ڀائٽي ميڊيا کي ٻڌايو ته آمريڪي عورت جيتوڻيڪ دير پهچي وئي هئي پر کيس لوئر دير وڃڻ جي اجازت نه ملي سگھي، ٻنهي نڪاح ڪري ورتو آهي ۽ اهي هن وقت اسلام آباد جي هڪ نجي هوٽل ۾ رهي رهيا آهن.