ڪراچي (ويب ڊيسڪ) چانهه ۽ پاپا نيرن لاءِ بهترين سمجهيا ويندا آهن ۽ اڪثر ماڻهو نيرن ۾ پاپا چانهه کائڻ پسند ڪندا آهن پر ماهرن ان کي صحت لاءِ خطرناڪ قرار ڏنو آهي.
سو اچو ته ڄاڻون ته پاپا چانهه پيئڻ سان توهان کي ڪيئن نقصان ٿي سگهي ٿو؟
ماهر چون ٿا ته پاپا هڪ قسم جي خشڪ ۽ مٺي ڊبل روٽي آهي جنهن ۾ کنڊ، جليٽين ۽ ٽرانس فيٽس جو مقدار وڌيڪ هوندو آهي ان سان انساني مدافعتي قوت متاثر ٿيندي آهي.
مييو ڪلينڪ جرنل ۾ شايع ٿيل هڪ مطالعي مان معلوم ٿيو ته پاپن ۾ مانيءَ کان وڌيڪ ڪيلوريز هونديون آهن، 100 گرام پاپن يا بسڪيٽن ۾ 407 ڪلو ڪيلوريز ٿي سگهن ٿيون.
هڪ رپورٽ موجب پاپا اڪثر باسي مانيءَ مان ٺاهيو ويندا آهن جيڪا صحت کي نقصان پهچائڻ جو وڏو سبب آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پاپا کائن وارن جي پيٽ ۾ سور جا مسئلا ٿي پوندا آهن.
مٺي چانهه ۽ مٺا پاپا نيرن ۾ مزو ته ڏيندا ته پير شگر جي وڌيڪ مقدار سبب جسم ۾ شگر ليول وڌي ويندي آهي جنهن جي ڪري جسم ۾ انسولين ليول متاثر ٿيندي آهي.
روزانو پاپا کائڻ توهان کي شگر جو مريض بڻائي سگهي ٿو.
پاپن ۽ چانهه ۾ ڪاروبو هائيڊريٽ جو وڏو مقدار هوندو آهي جنهن سان پڻ مدافعتي قوت متاثر ٿئي ٿي.