لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ عورت پوليس اهلڪار جي قتل ۾ ملوث 75 ورهين جي پاڪستاني پيران دته خان کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
جوابدار کي تقريبن 20 سال اڳ ڦر جي رٿابندي ۽ برطانوي پوليس آفيسر جي قتل ۾ ملوث هجڻ جي ڏوهه ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.
جوابدار واردات کانپوءِ پنهنجي ملڪ فرار ٿي ويو هو، جنهن کي پوءِ گرفتار ڪري لنڊن موڪليو ويو هو.
پيران دته خان پوليس آفيسر شيرون بيشينوسڪي کي ان وقت گولي هنئي هئي، جڏهن هوءَ پنهنجي هڪ ٻئي ساٿي اهلڪار سان گڏ اتر انگلينڊ جي علائقي بريڊ فورڊ ۾ هڪ ٽريول ايجنسي ۾ ڦر واري هنڌ پهتي هئي.
پيران دته خان 18 نومبر 2005 ۾ شيرون بيشينوسڪي کي قتل ڪرڻ کانپوءِ قانون جي پڪڙ کان بچڻ لاءِ تقريبن ٻه ڏهاڪا پاڪستان ۾ گذرايا.
جوابدار کي گذريل سال برطانيا حوالي ڪيو ويو هو، هو ان ڦر ۾ ملوث 7 ڄڻن مان آخري شخص هو، جنهن ڪيس کي منهن ڏنو.
ليڊز ڪرائون ڪورٽ ۾ ڪيس جي ٻڌڻي کانپوءِ کيس قتل جو ڏوهي قرار ڏنو ويو.
Next Post
You might also like