ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٿڪ جو عام طور ذڪر ناهي ڪيو ويندو پر اها سڀني جي ڪم جي آهي.
ٿڪ اصل ۾ پاڻي ئي آهي، اها 99 سيڪڙو پاڻي ۽ هڪ يا ٻه سيڪڙو کاڌو هضم ڪندڙ انزائمر، يورڪ ايسڊ، اليڪٽرولائيٽس ۽ پروٽين جي هوندي آهي.
اسان جي وات ۾ ڄاڙي جي پونئين پاسي، ڄاڙي جي هيٺين ۽ زبان جي هيٺان ٿڪ جا ٽي گلينڊز موجود آهن.
ائين سمجهو ته وات ۾ ٿڪ ٽن جاين تان ٿئي ٿي، 2020 ۾ اسان جي ڳلن ۾ گلينڊز جو هڪ ٻيو جوڙو به دريافت ٿيو هو جنهن تي اڳ ڪنهن جي نظر نه پئي هئي، ان کي ٽيوبيريئل گلينڊز چون ٿا ۽ انهن بابت ڊاڪٽرن ۾ بحث هلي رهيو آهي.
ٿڪ نه رڳو کاڌي کي نرم ڪري ٿي پر مجموعي صحت کي برقرار رکي ٿي.
هڪ صحتمند شخص روزانو هڪ کان 2 ليٽر ٿڪ پيدا ڪري ٿو، ٿڪ سٺي زباني صحت لاءِ به ضروري آهي.
هي کاڌي کي ڏندن ۽ مهارن تان ڌوئي ٿي ۽ انفيڪشن ٿيڻ کان بچائي ٿي.
خشڪ وات هاضمي ۽ بک لڳڻ تي ناڪاري اثر وجهي ٿو، وات جي خشڪي سان چٻاڙڻ ۽ کاڌو ڳڙڪائڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي ۽ دند خراب ٿي پويندا آهن جڏهن ته مهارن م ساڙو ٿيندو آهي.
گهڻي ٿڪ ٿيڻ به مسئلي جي نشاندهي ڪري سگهي ٿو، اهو ڪجهه دوائن جو به اثر هوندو آهي جڏهن ته زباني انفيڪشن، تيزابيت جهڙيون بيماريون ان جو سبب بڻجي سگهن ٿيون.
ان کانسواءِ ماهر ٿڪ کي جاچي مختلف مسئلن جي نشاندهي ڪري سگهن ٿا ۽ علاج ۾ کين مدد ملي سگهي ٿي.