صحتمند رهڻ، وزن ۾ گھٽتائي ۽ پرسڪون مزاج لاءِ بيشڪ جم وڃڻ ۽ ورڪ آئوٽ ڪرڻ سان واضح فرق اچي ٿو پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته جيڪڏهن اوهان ٿوري به لاپرواهي ڪئي ته اوهان ڪنهن قسم جي سنگين بيماري ۾ مبتلا ٿي سگھو ٿا؟
جم ۾ جيڪڏهن صفائي سٿرائي نه ڪئي وڃي ته ضروري آهي ته پاڻ پنهنجي صحت جو خيال رکن ڇو جو صفائي سٿرائي ئي اها عام غلطي آهي جنهن کي گھڻا ماڻهو نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ بعد ۾ مختلف قسمن جي جلد جي مرضن ۾ مبتلا ٿي ويندا آهن.
ماهرن موجب جم ويندڙ جيڪڏهن احتياطي تدبيرون نه اختيار ڪن ته اهي رنگ وارم، پلانٽر وارٽس، امپيٽگو جهڙي انفيڪشن جو شڪار ٿي سگھن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ هٿن ۽ پيرن تي بيڪٽيريا پيدا ٿي ويندا آهن جيڪي بيمارين جو سبب بڻجندا آهن.
ان جو سبب اِهو آهي جو بيڪٽيريا، وائرس ۽ فنگس جيڪي جلد جي انفيڪشن جو سبب بڻبا آهن، گرم ۽ آلين جڳهين جهروڪ پگھر وارا هٿ مشينن تي لڳڻ سان اهي جراثيم ٿي سگھن ٿا، پر ان جو اهو حل ناهي ته اوهان جم وڃڻ ئي ڇڏي ڏيو، اوهان کي ان لاءِ ڪجهه احتياطي تدبيرون اپائڻيون پونديون.
جم ۾ جلد جي انفيڪشن کي روڪڻ ۾ مدد لاءِ، جلد بابت مرضن جا ماهر هيٺ بيان ڪيل تجويزن تجويز ڪندا آهن.
ڍِلا ۽ آلاڻ کي ختم ڪندڙ ڪپڙا پهريو، ان سان اوهان جي جلد خشڪ رکڻ ۽ جراثيمن کي وڌڻ کان روڪڻ ۾ مدد ملندي. پنهنجي جم جا ڪپرا پهرڻ کان پوءِ انهن کي ڌوئڻ به لازمي آهي.
سدائين جوتا پهري رکو، خاص طور تي سوئمنگ پول جي ڀرسان، لاڪر رومز ۽ شاور وٺندي، عوامي جم ۾ ڪڏهن به اُگهاڙين پير نه رهو.
جسم تي لڳل ڪنهن زخم يا ڪٽ کي صاف ۽ ڍڪي رکو، جيستائين اوهان جو زخم ٺيڪ نٿو ٿي وڃي تيستائين گرم پاڻي جي ٽب ۾ نه وڃو.
مشينن جو استعمال کان اڳ ۽ پوءِ جراثيم ڪش اسپري سان پاڪ ڪريو، واڌو تحفظ لاءِ، پنهنجي جلد ۽ گڏيل سطحن جهڙوڪ ورزش بينچ ۽ سائيڪل جي سيٽن وچ ۾ هڪ رنڊڪ، جهڙوڪ ٽاول رکڻ تي غور ڪريو.
پنهنجو سامان مثلن ٽاول، يوگا ميٽ وغيره، ان کي گھر آڻي ڌوئي ڇڏيو، جم ۾ نه رهڻ ڏيو.
ورزش کان تُرت پوءِ پنهنجا هٿ ڌوئو يا سينيٽائزر ڪيو.
ورڪ آئوٽ کان پوءِ لازمي ونهنجو.