حيدرآباد: گئس سئلينڊر جي ليڪيج سان 10 ٻار بيهوش

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ ڪٻاڙ جي دڪان تي گئس سئلينڊر جي ليڪيج سان 10 ٻار بيهوش ٿي ويا.
حيدرآباد سول اسپتال جي ايم ايس موجب ٻارن کي اڌ بيهوشي واري حالت ۾اسپتال پهچايو ويو، هاڻ انهن جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو پاڪ ڪالوني ۾ پيش آيو ۽ شروعاتي جاچ ۾ به اها ڳالهه سامهون آئي ته ٻارن جي حالت گئس ليڪيج سان خراب ٿي.
پوليس موجب متاثر ٻار هڪ ئي دڪان تي ڪم ڪندا آهن، اسڪريپ ۾ ايندڙ سئلينڊر کولڻ دوران گئس ليڪيج ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.