جيڪڏهن نوٽ ڪجي ته ڌرتي ڪنهن هڪ ماڻهو جو هجڻ يا نه هجڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي هوندي پر جيڪڏهن ڳالهه ڪجي سڄي انسان ذات جي ته توهان کي اندازو ٿي ويندو ته هي ڪائنات آهي ئي انسان جي لاءِ، توهان کي اهو ڄاڻڻ کانپوءِ لڳندو ته انسان ذات کي اشرف المخلوقات ڇو چيو ويو آهي.
انسان جي ڳالهه ڪجي ته ان جي جسماني عضون، بيهڪ ۽ بناوت به ذهن ۾ اچي ويندي آهي، اڄ اسان انسان جي صحت توڙي ان جي بيهڪ جي باري ۾ ڪجهه اهڙيون حقيقتون اوهان جي اڳيان آڻينداسين جيڪي اوهان کي شايد اڳ ۾ خبر نه هجي.
ان حوالي سان انساني عضون جي صحت ۽ ڪجهه قدرتي، فطري ۽ سائنسي حقيقتن بابت اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين.
رات جو يارهين وڳي تائين جاڳڻ ۽ صبح سج اڀرڻ کان اڳ نه اٿڻ سان انسان جو پتو خراب ٿيندو آهي.
ڳلو خراب هجي، آواز نه نڪري ته ڪچي زيتونن کي ٿورو باهه تي ساڙي کائڻ سان مسئلي مان جلد جند ڇُٽي ويندي.
گهڻي مقدار ۾ مٺاڻ واريون شيون کائڻ سان لبلبو خراب ٿيندو آهي جنهن جي ڪري شگر سميت موتمار بيماريون ٿين ٿيون.
انساني دماغ گوگل جي وڪيپيڊيا کان پنجوڻ تي وڌيڪ ڄاڻ محفوظ ڪري رکي سگهي ٿو.
اوندهه ۾ ڪمپيوٽر يا موبائل جي روشني پوڻ سان اکيون خراب ٿينديون آهن جن جو خيال رکڻ توهان لاءِ ضروري آهي.
مڇي جون اکيون انڪري کليل رهنديون آهن جو مڇيءَ کي پمبڙيون ناهن هونديون.
وهندڙ رت کي روڪڻ لاءِ ناريل جو تيل بهترين علاج آهي.
بنا وهاڻي جي سمهڻ سان چيلهه مضبوط ٿيندي آهي ۽ چيلهه جي سور مان جند ڇُٽي ويندي آهي.
پيٽ ۾ سور هجي ته ڦودني جا پَن چٻاڙجن.
ڇا توهان کي خبر آهي ته توهان سميت هر ماڻهو جا دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهه ٻيا ماڻهو به هو بهو هم شڪل هوندا آهن ۽ اهي نَوَ سيڪڙو چانسز به آهن ته انهن مان هڪ يا ٻن سان توهان جي ملاقات به ٿي وڃي.
کِل ڀوڳ ڪندڙ، خوش مزاج ماڻهو خشڪ مزاج ۽ چڙچڙئي ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ صحتمند هوندا آهن.
پيشاب ۾ ساڙو ٿي پوي ته ڪچي لسي ۾ ٿورو لوڻ وجهي پيئڻ سان مسئلو حل ٿي ويندو يا وري سانوڻ جي موسم هجي ته هنداڻو ۽ گدرو کائڻ گهرجن.
ٿڌيون شيون يا شربت ۽ پاروٿيون ڀاڄيون کائڻ سان ننڍا آنڊا پريشان ٿيندا آهن انڪري انهن جي حفاظت ڪيو.
عورتن کي ماهواري واري ڏينهن ۾ ڪتل ضرور کائڻ گهرجي.
جنسي ڪمزوري کان بچڻ لاءِ ٻه چار ڇوهارا کير ۾ وجهي، گرم ڪري ڇوهارا به کائي ڇڏجن کير به پي ڇڏجي.
بنا کاڌي پيتي جي چاليهه ڏينهن تائين جيئرو رهي سگهجي ٿو پر بنا ننڊ جي رڳو يارهن ڏينهن جيئرو رهي سگهبو.
ناشتو نه ڪرڻ سان معدو خراب ٿيندو آهي ۽ بيماريون ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن.
رڳو ناڪاري سوچ سوچڻ سان ئي دماغ جي صحت خراب ٿيندي آهي.
انسان جو جسم ڏيڍ منٽ ۾ ايترو گرمي پد پيدا ڪندو آهي جو ڏيڍ ليٽر پاڻي اٻاري سگهجي ٿو.
يارهن ڪلاڪن کان وڌيڪ ويهڪ ڪرڻ سان ٻن سالن جي اندر خطرناڪ بيمارين ۾ جڪڙڻ جا امڪان تمام وڌي ويندا آهن.