ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بسڪيٽ ننڍا توڙي وڏا، عورتون توڙي مرد، سڀ کائيندا آهن ۽ هر ڪنهن جا پنهنجا پسنديده بسڪيٽ هوندا آهن.
بازار ۾ بسڪيٽن جون ڪيتريون ئي ورائٽيز موجود آهن جن ۾ صحت جي حوالي سان مختلف خاصيتون آهن.
هر بسڪيٽ جي ٿيلهي يا دٻي تي اهي شيون لکيل هونديون آهن جيڪي بسڪيٽ ۾ شامل هونديون آهن.
ڪجهه ماهر ماڻهو پنهنجي گهر ۾ به بسڪيٽ تيار ڪندا آهن پر گهڻن ماڻهن کي اها خبر نه هوندي ته بسڪيٽ صحت لاءِ فائديمند آهن يا نقصانڪار؟
بسڪيٽن جي غذائيت انهن ۾ شامل ڪيل شين تي هوندي آهي، مثال طور تي بسڪيٽن ۾ عام شيون ڪيلريز، ڪاربوهائيڊريٽس، فائبر ۽ سوڊيم شامل هوندو آهي.
ڪجهه بسڪيٽ جن ۾ سڻڀ ۽ سوڊيم گهڻو هوندو آهي انهن جا ڪي نقصان ٿي سگهن ٿا، ڪجهه بسڪيٽ هاضمي لاءِ ڀلاهوندا آهن جڏهن ته بک جي خاتمي لاءِ وري چانهه بسڪيٽ جو پنهنجو جوڙ آهي.
بسڪيٽ اهڙا به هوندا آهن جن ۾ ڳجهيون ڪيلوريز، شگر، لوڻ ۽ فيٽي شيون هونديون آهن جڏهن ته گهڻو لوڻ نقصان ڏئي ٿو.
بسڪيٽن کي خاص طور تي توانائي لاءِ واپرايو وڃي ٿو ته ڇو ته هنن ۾ ڪيليروز جام هونديون آهن ڪجهه بسڪيٽن ۾ فائبر، وٽامن، منرلز به هوندا آهن ۽ اهي صحت کي فائدو ڏين ٿا.
هاضمي دار بسڪيٽ کائڻ سان اوهان جي وزن تي ڪو فرق ناهي پوندو جڏهن ته اهڙا بسڪيٽ جن کي جنڪ فوڊ ۾ شامل ڪري سگهجي اهي اوهان کي ٿلهو بڻائي سگهن ٿا.
ماهر چون ٿا ته بسڪيٽن ۾ ريفائنڊ اٽو يا ميدو استعمال ڪيو ويندو آهي پر اهو صحت لاءِ ٺيڪ نه آهي ڇو ته اهو شگر کي فوري سرڪيوليٽ ڪري ٿو ۽ شگر جو مرض ڏئي سگهي ٿو.
ماهر چون ٿا ته اهي بسڪيٽ کائو جن ۾ هٿرادو شگر نه هجي ۽ هميشه بسڪيٽن کي گهم کان بچائي رکجي.
انهن سمورين ڳالهين مان اوهان کي اندازو ته ٿي ويو هوندو ته اوهان کي ڪهڙا بسڪيٽ کائڻ گهرجن؟؟