شادي مسئلن جو حَل ناهي! زندگيون تباهه ڪرڻ کان بچو

ائين ناهي ته جٿي ڪٿي يا هر ڪٽنب ۾ پر اسان جي معاشري ۾ اڄ به نوجوانن کي سڌارڻ جي لاءِ شادي ڪرائي ويندي آهي، مطلب ته مختلف مسئلن جو شڪار نوجوانن کي اهو چئي شادي ڪرائي ويندي آهي ته هن جي شادي ڪرايو پاڻهئي مسئلا حل ٿي ويندا.

جيڪڏهن ڳالهه ڪجي مسئلن ۽ ضرورتن جي آڳاٽي دور ۽ هاڻوڪي دور جي ضرورتن توڙي مسئلن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي، آڳاٽي دور ۾ اهو رجحاڻ تمام گهڻو هوندو هو جو ماڻهو مختلف مسئلن مان جند ڇڏائڻ لاءِ پنهنجي اولاد جي شادي ڪرائي ڇڏيندا هئا ۽ اهو گهڻي حد تائين انهن جي مرضي موجب نتيجا به ڏيندو هو. ان جو اهو مطلب ناهي ته نوجوان جا مسئلا حل ٿي ويندا هئا پر مختلف نون مسئلن جي ور چڙهي ماڻهو پاڻ کي پيش ٻين مسئلن کي وساري ويندو هو هاڻي به ائين ئي ٿي سگهي ٿو يا ٿيندو آهي.

آڳاٽي دور ۾ ڪي نوجوان جيڪڏهن نشي يا ٻين برين عادتن ۾ مبتلا ٿي ويندا هئا ته انهن جي والدين کي انهن جي شادين جي ڳڻتي وٺي ويندي هئي ۽ اهو رجحاڻ به آهي ته جيڪو ماڻهو نشي يا ڪنهن ٻين برين عادتن جو شڪار ٿيندو آهي ته وڏڙا، والدين توڙي مٽ مائٽ اهو سمجهندا آهن ته هن جي شادي ڪرايو پاڻهئي سڀ مسئلا حل ٿي ويندا.

اڄ اسان اوهان کي اهي ڇهه وڏا مسئلا ٻڌائينداسين جن کي عام طور تي سمجهيو ويندو آهي ته شادي کانپوءِ حل ٿي ويندا پر حقيقت ۾ اهي ڪنهن جي زندگي تباهه ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ناهن هوندا.

نشو/خراب عادتون

گهڻي قدر ڏٺو ويو آهي ته جواني جي چوٽ تي پهتل ڪيترائي ڇوڪرا ڪڏهن ڪڏهن ڇوڪريون به نشي آور شين ۾ پئجي ويندا يا وينديون آهن. انهن جا والدين انهن جي اهڙي خراب رويي يا عادتن مان جند ڇڏائڻ لاءِ ڪو علاج يا ڪائونسلنگ ڪرڻ بدران انهن جي شادي ڪرائي ڇڏيندا آهن، ٿيندو اهو آهي ته اهي شادي جي مسئلن ۾ جڪڙجي ويندا آهن ۽ انهن جا والدين سمجهندا آهن ته هاڻي اهي سڌري ويا آهن پر حقيقت ۾ انهن جا شادي کانپوءِ پيدا ٿيل مسئلا انهن جي اڳين مسئلن کان وڌيڪ ڏکيا هوندا آهن جنهن جي ڪري اهي انهن کي نظر انداز ڪري ڇڏين ٿا ۽ والدين سمجهندا آهن ته شادي جا هاڪاري اثر ٿيا آهن ڪيترائي ڀيرا اهڙا تجربا ناڪام به ٿيندا آهن جنهن جي ڪري نوجوان توڙي ڇوڪرين جون زندگيون به تباهه ٿي وينديون آهن.

گهمڻ ڦرڻ

گهمڻ ڦرڻ ۽ دوستن جي محفلن ۾ گهڻو ويهڻ يا کڻي ائين چئجي ته فضوليات به نوجوانن جو اهم ۽ عام مسئلو آهي. ڪيترائي ماءُ پيءُ ڪاوڙ، ڌمڪين ۽ لڳاتار روڪڻ جي محنت ۾ ناڪامي کانپوءِ گهر کان ٻاهر رهندڙ نوجوان کي پنهنجي گهر ۾ آڻڻ جي لاءِ شادي جو حل ڳوليندا آهن. ڪجهه ماڻهو ته نئين زندگي جي شروعات جي ڪري پنهنجي روٽين مٽائي پنهنجون عادتون تبديل ڪري ڇڏيندا آهن پر ڪيترائي ماڻهو شادي کانپوءِ به پنهنجي پراڻي روش ناهن ڇڏيندا جنهن جو نه رڳو سندن زندگي پر ڇوڪري سميت ٻنهي جي خاندانن تي به سڌيءَ ريت اثر پوندو آهي. انڪري اهڙي نوجوانن جو صحيح نموني علاج ڪرائي پهريون انهن جا مسئلا حل ڪري پوءِ ئي انهن جي شادي ڪرائي وڃي.

نخري بازي

جواني ۾ هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن حوالي سان ڪي نخرا خاص ڪري کاڌي پيتي جي وڻڻ نه وڻڻ جا نخرا ضرور ڪندو آهي ۽ ماءُ پيءُ انهن کي اهو طعنو ڏيندا آهن ته گهرواري جي اچڻ کانپوءِ پاڻهئي سڌري ويندين يا گهرواري اچڻ کانپوءِ توکي پاڻهئي سڌو ڪندي پر حقيقت ۾ سدائين ائين ناهي ٿيندو. ٿيندو ائين آهي ته شادي کانپوءِ اهڙن ماڻهن جا نخرا ختم ٿيڻ بدران نخرا وڌائڻ جي لاءِ هڪ مخصوص ماڻهو ملي ويندو آهي جنهن سان انهن جا ڦڏا شروع ٿي ويندا آهن ۽ اهي نوجوان ساڳئي ئي اڳين زندگي يا ان کان به وڌيڪ نخرن واري زندگي گذاريندا آهن انهن کي گهرواري، پنهنجي توڙي گهرواري جي ڪٽنب سميت پنهنجي ٻارن جي به ڪا پرواهه ناهي هوندي. انڪري نخرا ختم ڪرڻ لاءِ به شادي کي حل نه سمجهيو وڃي.

ڦڏا فساد/جهيڙا

اها ته عام چوڻي هوندي آهي ته جٿي ٻه ٿانوَ هوندا ته کڙڪو به هوندو اهو ئي سبب آهي جتي ٻه ماڻهو يا نوجوان هجن اتي گهر ۾ جهيڙو نه هجي ائين ٿي نٿو سگهي، هر هنڌ به ائين ناهي هوندو پر اهو رويو به عام طور تي ڏٺو ويندو آهي. ڪيترن ئي گهرن ۾ ننڍي ننڍي ڳالهين تي تو تو مي مي ٿيندي رهندي آهي ۽ ڪيترائي نوجوان ڀائر توڙي ڀينرون هڪ ٻئي سان منهن ماري ڪندا رهندا آهن. ماءُ پيءُ ڪيترين ئي ڪوششن جي باوجود جڏهن انهن جون اهڙيون عادتون ناهن ڪڍي سگهندا ته انهن وٽ ان جو به حل وڃي سندن شاديون ڪرائڻ بچندو آهي. ساڳئي ريت ڪيترائي ماڻهو زندگي جي نئين شروعات جي ڪري مٽجي به ويندا آهن پر ڪيترائي وري گهر ۾ آيل ڇوڪري جي لاءِ به مسئلو بڻجي ويندا آهن.

اداسي/اڪيلو رهڻ

ڪيترائي ماڻهو جٿي جواني ۾ دوستي رکڻ ۽ سماجي سرگرمين جا ڪوڏيا هوندا آهن اتي وري ڪيترائي ماڻهو اڪيلائي پسند ڪندڙ پڻ هجن ٿا. ڪيترائي مٽ مائٽ، ماءُ پيءُ ۽ دوست يار انهن جي اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ مختلف ڪوششون ڪندا آهن پر جڏهن انهن جو رويو ناهي مٽبو ته ان جو حل به شادي کي سمجهيو ويندو آهي. گهڻي قدر ماڻهو اهڙي مسئلن جو شڪار نوجوانن لاءِ شادي کي بهترين حل يا نسخو سمجهندا آهن جيڪو انتهائي خطرناڪ ۽ غلط فيصلو هوندو آهي. ان جاءِ تي به ڪيترائي ماڻهو نئين زندگي جي شروعات ٿيڻ تي مٽجي به ويندا آهن پر ڪيترن ئي ماڻهن جي گهري اڪيلائي سندن جيون ساٿي جي زندگي به تباهه ڪري ڇڏيندي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.