خبردار! ننهن کائڻ جي عادت ڪڍي ڏيو

ننهن کائڻ جي عادت جنهن کي onychophagia چيو ويندو آهي، ٻارن ۽ وڏن بنهي کي ٿي سگھي ٿي. جيتوڻيڪ اها عادت عام لڳندي آهي پر ننهن کائڻ جي عادت سان صحت بابت ڪيترائي امڪاني خطرا ٿي سگھن ٿا جيڪي هيٺ بيان ڪيل آهن.
انفيڪشن: ننهن کائڻ سان وات ۾ بيڪٽيريا ۽ ٻيا جراثيم داخل ٿي سگھن ٿا، ننهن، آڱرين ۽ ايتري تائين جو وات ۽ ڳلي ۾ انفيڪشن جو خطرو وڌي ويندوآهي.
ننهن کائڻ جو نقصان: هر هر ننهن کائڻ سان ننهن خراب ۽ ڪمزور ٿي ويندا آهن جنهن پوءِ اهي سولائي سان ٽٽي سگھن ٿا. ان کانسواءِ فنگل انفيڪشن جو به وڌيڪ خطرو هوندو آهي. ان سان ننهن جي ڪنڊن (Cuticles) کي به نقصان پهچندو آهي جيڪو ننهن جي پاڙ جي کَلَ ۾ شديد سور جو سبب بڻجي سگھي ٿو.
ڏندن جا مسئلا: ننهن کائڻ جي عادت وقت سان گڏوگڏ ڏندن جي مسئلن جو سبب به بڻجي سگھي ٿي جهڙوڪ خراب ڏند، ڏند ڦري وڃڻ ۽ امڪاني ڳياڙي جا مسئلا.
بيماري جو خطرو: آڱرين مان وات ۾ خطرناڪ جراثيم داخل ٿي سگھن ٿا جنهن جي نتيجي ۾ نزلو، فلو ۽ ٻين بيمارين سان گڏ معدي جي انفيڪشن جو به خطرو وڌي ويندو آهي.
کَلَ جا مسئلا: ننهن کائڻ سان ننهن جي کَلَ جا مسئلا پيدا ٿيندا آهن، جهڙوڪ ڳاڙهاڻ، سوڄ ۽ اها سوڄ Dermatitis جهڙي انفيڪشن جو خطرو بڻجي سگھي ٿي.
جذباتي ۽ نفسياتي اثر: ننهن کائڻ جو واسطو گھڻو ڪري دٻاءَ، اسٽريس يا بوريت سان هوندو آهي. اهو اهڙن جذبن کي منهن ڏيڻ جو طريقو ٿي سگھي ٿو. جيڪڏهن بنيادي سبب جي ڪري ڌيان نه ڏنو وڃي ته اهو دماغي صحت لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگھي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.