ٽيهه سال عمر کي پهتل عورتون ڌيان ڏين!

عورتن جي لاءِ صحتمند رهڻ تمام ڏکيو هوندو آهي پر ٿوري محنت ۽ ڦڙتي ڪجي ته صحت جي ڪيترن ئي مسئلن کان بچي به سگهجي ٿو. جنهن جو هڪ طريقو مناسب اسڪريننگ ٽيسٽ ڪرائڻ به آهي جن جي ذريعي صحت جي امڪاني مسئلن بابت ڄاڻ ماڻي سگهجي ٿي ۽ جيڪڏهن وقت سر خبر پئجي وڃي ته ڪيترن ئي مسئلن کان بچي سگهجي ٿو.

عمر وڌڻ سان جسم جي ميٽابولزم تي سڀ کان وڌيڪ اثر پوند آهي ان جو ڪمزور ٿيڻ ڪيترين ئي بيمارين جهڙو شگر ۽ بلڊ پريشر جو سبب بڻجي سگهي ٿو.  عمر وڌڻ جا اثر مردن توڙي عورتن ٻنهي تي پوندا آهن پر عورتن جي لاءِ ٽيهه سالن کانپوءِ عمر انتهائي اهم اسٽيج تي هوندي آهي ۽ صحت جا ماهر ان عمر جي عورتن کي هيٺيون ٽيسٽون ڪرائڻ جو مشورو ڏيندا آهن ته جيئن مختلف بيمارين کان بچي سگهجي.

بلڊ سي بي سي

ڪمپليٽ بلڊ ٽيسٽ رت جي ڳاڙهن ۽ اڇن جزن، پليٽيليٽس جو مقدار وغيره جاچڻ جي لاءِ ڪئي ويندي آهي ان ٽيسٽ مان ڊاڪٽر اهو اندازو لڳائي سگهن ٿا ته رت ۾ ڇا جي کوٽ آهي يا رت ۾ ڪيتري کوٽ آهي.

ان ٽيسٽ جي ڪري رت ۾ ڪنهن انفيڪشن ۽ رت جي مختلف بيمارين انيميا کان بچي سگهجي ٿو جڏهن ته ان ٽيسٽ مان ڪينسر جي به خبر پوندي آهي ڇو ته ڪينسر ۾ مريضن جي رت جا اڇا جزا گهٽجي ويندا آهن.

رت جي کوٽ سڄي جسم لاءِ مسئلو بڻجي سگهي ٿي انڪري ٽيهه سالن تي پهتل يا انکان مٿي عورتن کي سال ۾ هڪ ڀيرو اها ٽيسٽ ضرور ڪرائڻ گهرجي.

لپڊ پروفائيل

لپڊ پروفائيل رت ۾ مخصوص سڻڀ جي ماليڪيولز جو مقدار جاچڻ جي ٽيسٽ آهي. ان قسم جي ٽيسٽ سان ڪوليسٽرول جي ڪيترن ئي قسم کي جاچي سگهجي ٿو اها ٽيسٽ دل جي بيمارين ۽ ٻئي صحت جي لاءِ تمام ضروري هجي ٿي.

لپڊ پروفائيل ٽيسٽ جي نتيجن ۾ جيڪڏهن سڻڀ گهڻو مليو ته ڊاڪٽر توهان کي کاڌي پيتي سميت ورزش تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو ڏيندو جيڪڏهن جسم ۾ موجود ان سڻڀ کي نظر انداز ڪجي ته شگر، دل جا مسئلا، هاءِ بلڊ پريشر ۽ هاءِ ڪوليسٽرول جهڙي خطرناڪ بيمارين ۾ مبتلا ٿيڻ جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

انڪري ٽيهه سالن تي پهتل عورتن کي اها ٽيسٽ به ضروري ڪرائڻ گهرجي.

ٿائرائيڊ فنڪشن ٽيسٽ

پاڪستان ۾ ڪيترين ئي عورتن کي ٿائرائيڊ گلينڊ ۾ ڪو نه ڪو مسئلو ٿي پوندو آهي  خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو مرض خطرناڪ ته آهي ئي آهي پر ان جون علامتون گهڻي دير کانپوءِ شروع ٿينديون آهن جن ڏانهن عام طور تي ڪنهن جو ڌيان ئي ناهي ويندو.

انڪري خاص ڪري عورتن کي ٽيهه سالن جي عمر تائين پهچڻ کانپوءِ اها ٽيسٽ به ضرور ڪرائڻ گهرجي.

بلڊ پريشر

بلڊ شگر جو مرض پنجٽيهه کان اڻونجاهه سالن جي عورتن کي ٿي رهيو آهي صحت جي گهٽ سهولتن ۽ اڻڄاڻائي جي ڪري ڪيترين ئي عورتن کي ان مرض جي وڏي عرصي کانپوءِ خبر پوي ٿي ته اهي ان ۾ مبتلا ٿي چڪيون آهن انڪري ٽيهه سالن تائين پهتل عورتن کي پنهنجي شگر ڏانهن به ڌيان رکڻ گهرجي. کين ٿڪاوٽ محسوس ٿئي، گهڙي گهڙي پيشاب اچي، چمڙي تي الرجي ظاهر ٿئي، نظر گهٽجڻ شروع ٿئي يا وزن اوچتو وڌي وڃي يا گهٽجي وڃي ته ڊاڪٽر سان ضرور رابطو ڪرڻ گهرجي.

بريسٽ ۽ سرويڪل ڪينسر

پاڪستان ۾ عورتن کي بريسٽ ۽ سرويڪل ڪينسر تيزي سان وڌي رهي آهي جيڪڏهن ان مرض کي نظرانداز ڪري ڇڏجي ته اهو موتمار بڻجي سگهي ٿو. عورتن کي ان ٻنهي ڪيسز کي به سنجيده وٺڻ گهرجي جيڪڏهن انهن مرضن جي سڃاڻپ به ستت ئي ڪئي ته علاج ممڪن ۽ سولو هوندو آهي ٻئي صورت ۾ اهو خطرناڪ ٿي سگهي ٿو.

بلڊ پريشر

جيڪڏهن ڪنهن جو به بلڊ پريشر نوي کان هڪ سئو چاليهه 140/90 کان مٿي آهي ته اهو هاءِ بلڊ پريشر آهي جيڪو ٻين خطرن جو سبب بڻجندو آهي. انڪري انکي هر ٻن سالن کانپوءِ چيڪ ڪرڻ گهرجي جيڪڏهن بلڊ پريشر 120/80 يا ان کان گهٽ آهي ته ٺيڪ آهي. جيڪڏهن ان کان وڌيڪ آهي ته توهان پابندي سان ڊاڪٽر کي ڏيکاريو. جيڪڏهن بلڊ پريشر وڌيڪ آهي ته توهان خوراڪ سميت طرز زندگي تي ڌيان ڏئي ان کي مينٽين ڪري سگهو ٿا پر جيڪڏهن توهان کي دوائون ٻڌايون وڃن ته انهن کي به پابندي سان کائو ٻئي صورت ۾ اهو انتهائي خطرناڪ هوندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.