”دهشتگردي وري ڪَر کڻي رهي آهي، فنڊنگ خيبر پختونخواهه جي بجيٽ مان پئي ٿئي“

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته خيبر پختونخواهه جي بجيٽ مان دهشتگرد تنظيمن کي فنڊنگ ڪئي پئي وڃي.
پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ سدائين هاڪاري سياست ڪئي آهي، معاشي مسئلا تاريخي سطح تي پهچي چڪا آهن، دهشتگردي خلاف جنگ ۾ عوام، فوج شهادتون ڏنيون.
هن چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ پ پ جي تنظيم سازي جو سلسلو جاري آهي، خيبر پختونخواهه ۾ نفرت جي سياست ڪندڙن جو هاڪاري سياست سان مقابلو ڪنداسين، جيڪڏهن سياستدان سنجيدگي سان مسئلا حل نه ڪندا ته عوام جي ردعمل کي منهن ڏيندا.
سندس چوڻ هو افسوس خيبر پختونخواهه کان وٺي بلوچستان تائين وري دهشتگردي ڪر کڻي رهي آهي، حڪومت آپريشن جي حوالي سان اي پي سي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو، اسان هاڪاري انداز ۾ اي پي سي ۾ پنهنجو وفد موڪلينداسين.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته افغانستان ۾ نيٽو فوج پنهنجا هدف نه ماڻي سگهي، مان نٿو سمجهان ته افغانستان جي دوري سان مسئلا حل ٿيندا، ائين ناهي ته جهاز ۾ ويهو ۽ افغانستان سان مسئلا حل ٿي وڃن.
پ پ چيئرمين چيو ته اليڪشن ۾ هر سياسي جماعت جو منشور هوندو آهي، اسان جي منشور ۾ 300 يونٽ مفت بجلي، هاري ڪارڊ شامل هو، واعدو هو ته وزيراعظم بڻايو ته 300 يونٽ مفت بجلي ڏيندس.

bilawalbhuttozardari kpk ppp

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.