اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري بابت سوشل ميڊيا مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي، چيف جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ 7 رڪني لارجر بينچ غريده فاروقي، حسن ايوب ۽ عمار سولنگي کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري بابت سوشل ميڊيا تي هلندڙ مهم تي توهين عدالت جي ڪارروائي شروع ڪندي 7 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي.
جسٽس طارق محمود جهانگيري کانسواءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جا سمورا جج بينچ ۾ شامل آهن، توهين عدالت جي ڪارروائي کي سوشل ميڊيا مهم جو اداري جواب قرار ڏنو ويو.
فل ڪورٽ ٻڌڻي جي شروعات تي چيف جسٽس عامر فاروق چيو ته عدالت ڪيترائي ڀيرا سمجهايو پر ڪنهن به سبق ناهي سکيو، ججن خلاف مهم ڪنهن به صورت ۾ برداشت جوڳي ناهي، ڇا پي ٽي اي، ايف آءِ اي ۽ پيمرا کي ڪجهه نظر نٿو اچي؟
ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته جج جو جواب ايندو ته حڪومت ان موجب ايڪشن وٺندي.
چيف جسٽس چيو ته ڇا جج اهڙن سوالن جا جواب ڏيڻ لاءِ رهيل آهن؟ ڇا اسان به پريس ڪانفرنس ڪريون؟ احتساب کان نه ڊڄنداسين پر ججن خلاف مهم برداشت نه ڪنداسين. جيڪو به ذميوار ثابت ٿيو ان کي نه بخشيو ويندو، ان جو اونهارو اڊيالا جيل ۾ گذرندو.
جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ريمارڪس ڏيندي چيو ته تاثر وڃي پيو ته اوهان ان ڳالهه جي اجازت ڏئي رهيا آهيو؟ قانون وارو وزير، اطلاعات وارو وزير، اٽارني جنرل سڀ چپ آهن، تاثر وڃي پيو ته اوهان ان پٺيان آهيو.
عدالت غريده فاروقي، عمار سولنگي ۽ حسن ايوب کي نوٽيس جاري ڪندي چيو ته ڊي جي ايف آءِ اي، جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف مهم جي ذميوارن جو پتو لڳائي، ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اونهاري جي موڪلن کانپوءِ ٿيندي.
IHC journalists campaignagainst JusticeJahangiri contemptofcourt