وات پچي پئي ته ڇا ڪجي؟ گهريلو ٽوٽڪو

گرمي ۽ تيز کاڌن پيتن سميت مختلف سببن جي ڪري هر ماڻهوءَ جي وات ۾ داڻا نڪرڻ يا ڪَٽ زخم ٿيڻ عام ڳالهه آهي پر انهن جي تڪليف ته انهن کي خبر هوندي جيڪو انهن سان منهن ڏيندو هوندو. وات جيڪڏهن ڪو زخم ٿي پوي يا داڻو نڪري پوي ته کائڻ پيئڻ عذاب بڻجي ويندو آهي. گهڻي قدر اهي داڻا پيٽ يا معدي جي گرمي جي ڪري ٿيندا آهن انڪري انهن مان ڇند ڇڏائڻ لاءِ ڪيترائي ماڻهو مختلف دوائون ۽ ڪريمون استعمال ڪندا آهن جيڪي اينٽي بايوٽڪ دوائون ماڻهو جي صحت لاءِ نقصانڪار پڻ هجن ٿيو. دوائن جي بدران جيڪڏهن اهي داڻا گهريلو شين سان حَل ٿي وڃن ته ٻيو ڇا گهرجي؟

اڄ اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته وات ۾ نڪتل داڻن يا زخمن جو علاج گهر ۾ موجود شين مان ڪيئن ڪجي.

ڪنهن به پيالي يا ٿانوَ ۾ ٿورا وڏف وجهو ۽ انهن سان گڏ مصري جو ٿورو ٽڪرو به رکو، پوءِ انکي پاڻيءَ سان ڀري ڇڏيو.

ان پاڻيءَ کي سڄي رات ڍڪي رکي ڇڏيو، ٻئي ڏينهن تي ان پاڻي کي ڇاڻي وٺو جيڪو هلڪو ڀورو ٿي چڪو هوندو.

وڏف الڳ ڪري اهو پاڻي نيرائي پي ڇڏيو، اهو پاڻي پيئڻ دوران وات جي مختلف حصن تائين به گهمايو.

اهو عمل ٽي کان چار ڏينهن ڪرڻ سان توهان جي وات جا داڻا ۽ زخم ختم ٿي ويندا جڏهن ته معدي توڙي پيٽ جي گرمي جو مسئلو به حل ٿي ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.