عمر وڌڻ سبب ٿيندڙ ڪارا داغ ڪيئن ختم ڪجن؟

جيئن جيئن عمر وڌندي آهي انساني کَلَ تي به ان جا اثر نظر ايندا آهن انهن مان ئي هڪ کَلَ تي ڪارا داغ آهن جيڪي وڌندڙ عمر جا اثر هوندا آهن.
عمرا جا داغ ڪيئن ٿيندا آهن؟
جيئن جيئن اسان جي عمر وڌندي آهي، اسان جي ظاهري شڪل تبديل ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي جهڙوڪ چهري تي گھنج اچڻ، اهڙيءَ طرح کَلَ تي ڪارا داغ به ٿي ويندا آهن جن کي عمر جا داغ چيو ويندو آهي. اهي جسم جي ڪنهن به حصي تي چهري، ڄنگھن، ٻانهن، ڪُلهن، هٿن تي ظاهر ٿي سگھن ٿا.
عمر جا داغ اصل ۾ هائپرپيگمنٽيشن جي هڪ شڪل آهن. اها عام بيماري آهي جنهن ۾ ميلانن (کَلَ جي اندر هڪ قدرتي رنگ) جي ضرورت کان وڌيڪ پيداوار ڪارن داغن ۽ ناهموار رنگ جو سبب بڻبي آهي. اهي داغ ٿيڻ خطرناڪ ناهن، پر انهن تي نظر رکڻ ضروري آهي.
داغن مان هڪ (يا وڌيڪ) جي چوڌاري هڪ ڪارو دائرو ظاهر ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي.
جڏهن اهي مستقل وڌندا رهن يا ڳاڙها ٿيڻ شروع ٿين.
انهن داغن کي سولائي سان ٽوٽڪي جي ذريعي ڪجهه ئي وقت ۾ گھٽائي سگھجي ٿو.
ان مقصد لاءِ اوهان کي سادن گھريلو جُزن جي ضرورت پوندي جيڪي اسان جي گھرن ۾ ڀاڄي جي ٽوڪري ۽ فرج ۾ موجود هوندا آهن ۽ اهي آهن بصر ۽ ٻيو صوف جو سرڪو.
بصر جي رس اوهان جي زخمن کي جلد ڀري ڇڏيندي آهي، ان کان پوءِ صوف جو سرڪو هوندو آهي جيڪو کَلَ جي مُئل تهه کي هٽائڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.
انهن ٻنهي شفا ڏيندڙ جُزن سان اوهان پنهنجي کَلَ کي سولائي سان ٻيهر تازو بڻائي سگھو ٿا.
استعمال ڪيئن ڪجن
بصر کي سنهڙو گرائنڊ ڪري وٺو.
ان جي سنهڙي مڪسچر کي سوٽي ڪپڙي يا ڇاڻي ۾ وجهي سڄي رس ڪڍي وٺو.
هاڻ بصر جي رس ۾ صوف جو سرڪو گڏائي جتي جتي ڪارا داغ آهن انهن تي لڳايو.
ان کي ٻن هفتن تائين روز ورجايو اوهان ڏسندئو ته داغ هلڪا ٿيڻ شروع ٿي ويندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.