ڪجهه ماڻهن جو گھڻو پَگھر ڇو نڪرندو آهي؟

موسم گرم هجي ته پَگھر هر فرد جو وهندو آهي ڇو جو اهو جسم جو پاڻ کي ٿڌو رکڻ جي نظام جو حصو آهي.

گرم موسم، ورزش، گھڻن مرچن واري خوراڪ، دٻاءُ ۽ ٻين مختلف سببن جي ڪري پَگھر خارج ٿيندو آهي.

پر جڏهن جسم ٿڌو هوندو آهي ته پَگھر بند ٿي ويندو آهي، پر ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جو پَگھر لاڳيتو گھڻي مقدار ۾ وهندو آهي.

ان لاءِ طبي ٻولي ۾ hyperhidrosis  جي اصطلاح استعمال ڪئي ويندي آهي.

عام طور تي هر وقت پگھر خارج ٿيڻ ڪو خاص وڏو طبي مسئلو ناهي هوندو پر ان سان زندگي ضرور متاثر ٿي سگھي ٿي.

ته پوءِ ڪجهه ماڻهن جو گھڻو پَگھر ڇو وهندو آهي؟

ان جو جواب سادو ناهي پر مختلف شين کي ڏسڻ جي ضرورت هوندي آهي.

جيڪڏهن اوهان کي گھڻو پگھر اچي ٿو ته ان سان روزمرهه جي زندگي ۾ جذباتي ۽ جسماني مسئلا ٿي سگھن ٿا.

گھڻو پگھر خارج ٿيڻ جا ٻه قسم هوندا آهي، هڪ بنيادي hyperhidrosis  جنهن جو ڪو به واضح طبي سبب ناهي هوندو.

ٻيو قسم سيڪنڊري hyperhidrosis  آهي، جيڪو ڪنهن بيماري جهڙوڪ شگر، هارمونز ۾ ايندڙ تبديليون يا دوائن جي استعمال جو نتيجو هوندو آهي.

ان مسئلي جا ڪجهه تفصيل هيٺ بيان ڪجن ٿا.

پرائمري hyperhidrosis

جيڪڏهن اوهان کي ڪا بيماري ناهي ۽ پوءِ به گھڻو پگھر خارج ٿي رهيو آهي ته ان کي پرائمري hyperhidrosis  چيو ويندو آهي.

ان جو شڪار ماڻهن جي بغلن، چهري، هٿ جي تِرين ۽ پير جي کُڙي جهڙن حصن مان گھڻو پگھر وهندو آهي.

حقيقت ۾ گھٽ گرمي ۾ به گھڻو پگھر خارج ٿيندو آهي ۽ گھڻي وقت تائين برقرار رهندو آهي.

ڪيترائي ڀيرا ته گرمي يا ڪنهن جسماني سرگرمي کانسواءِ ئي پگھر وهڻ لڳندو آهي جيڪو پگھر ٺاهيندڙ غدود جي گھڻي سرگرمي ٿيڻ جو نتيجو هوندو آهي.

اهو ڪو پريشان ڪندڙ مسئلو ناهي هوندو، پر روزمرهه جي زندگي ضرور متاثر ٿي سگھي ٿي.

هارمونز ۾ تبديليون

وچولي عمر جي عورتن ۾ جڏهن ايسٽروجن نالي هارمون جي سطح گھٽ هوندي آهي ته دماغ جي ان حصي لاءِ ڪم ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي جيڪو گرمي پد کي ڪنٽرول ڪندو آهي.

ان جي نتيجي ۾ عورتن کي گھڻو پگھر وهندو آهي ڇو جو دماغ کي سمجهه ۾ ناهي ايندو ته جسم کي ٿڌو رکڻ جي ضرورت آهي يا نه.

شگر

شگر جي مريضن جي جسم مان رات جو گھڻو پگھر خارج ٿيندو آهي، خاص طور تي ان وقت جڏهن بلڊ شگر جي سطح گھٽجي وڃي.

ڪيترائي ڀيرا انسولين يا شگر جي ٻين دوائن سبب به گھڻو پگھر خارج ٿيندو آهي.

ڪا بيماري

تپ دق (ٽي بي)، دل جي ورم ۽ هڏن جي انفيڪشن جهڙن مرضن سبب به گھڻو پگھر جاري ٿيندو آهي.

مخصوص دوائون

سڪون وارين دوائن، شگر جي دوائن ۽ هارمون ٿيراپي سوڌو مختلف قسمن جي دوائن جي استعمال سان سيڪنڊري hyperhidrosis  کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.

ٻيا طبي سبب

مختلف ٻين سببن جي ڪري جسم گھڻي مقدار ۾ پگھر خارج ڪرڻ لڳندو آهي جهڙوڪ انزائٽي، هارٽ اٽيڪ، آٽو اميون مرض، رت جي ڪينسر، ٿائيرائڊ جا مرض، ايڇ آءِ وي ۽ ايڊز وغيره انهن ۾ نمايان آهن.

دٻاءُ

جيڪڏهن ڪنهن سبب کانسواءِ اوچتو گھڻي مقدار ۾ پگھر خارج ٿيڻ لڳي ته دٻاءَ جي علامت به ٿي سگھي ٿي.

رڳو پگهر جسم کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ خار ناهي ٿيندو پر ڏکين حالتن سان وڙهڻ لاءِ جسماني تياري جو ردعمل جو به نتيجو هوندو آهي.

موسم

اها ته سڀني کي خبر آهي ته جڏهن موسم گرم هوندي آهي ته ٻاهر نڪرندي ئي ماڻهو پگھر ۾ آلا ٿي ويندي آهن، گرمي پد جيترو وڌيڪ هوندو پگھر به اوترو ئي خارج ٿيندو.

ڪيفين ۽ گھڻن مرچن واري خوراڪ

اوهان جي خوراڪ به ان حوالي سان اهميت رکي ٿي، خوراڪ يا شربتن سان مرڪزي اعصابي نظام سرگرم ٿي ويندو آهي جيڪو پگھر جي غدود کي به ڪنٽرول ڪندو آهي.

ته جن عذائن ۾ گھڻن مرچن جو استعمال ٿيندو آهي، انهن کي کائڻ سان اهي غدود به وڌيڪ سرگرم ٿي ويندا آهن.

نوٽ: اهو مضمون طبي رسالي ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.