بدهاضمي مان ڇوٽڪاري لاءِ چار بهترين گهريلو ٽوٽڪا!

گهٽ وڌ کائڻ سان ڪيترائي ڀيرا بدهاضمي ٿي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽ ۾ سور، الٽي ۽ ٻيا مسئلا سامهون ايندا آهن.

بدهاضمي جي صورت ۾ ماڻهو دوائون کائڻ شروع ڪندا آهن پر ڪڏهن ڪڏهن دوائن جو استعمال جسم کي نقصان به پهچائيندو آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن توهان سان ڪو اهڙو مسئلو ٿئي ٿو ته گهريلو ٽوٽڪا استعمال ڪيو.

ليمي ۽ سُنڍ جو پاڻي

ليمي ۽ سنڍ جو پاڻي جسم لاءِ تمام گهڻو فائديمند آهي، توهان هڪ گلاس پاڻي گرم ڪيو، ان ۾ هڪ چمچو پيسيل سنڍ وجهو، پوءِ پاڻي کي اٻرڻ ڏيو، جڏهن اهو گرم ٿي وڃي ته ان ۾ ليمي جي رس ۽ ماکي جا ڪجهه ڦڙا ملايو، اهو پاڻي بدهاضمي جو خاتمو ڪندو ۽ پيٽ ۾ پيدا ٿيندڙ گيس کي به ختم ڪندو.

وڏڦ

بدهاضمي کي وڏڦن جي مدد سان به ختم ڪري سگهجي ٿو، وڏڦن جي ٻجن کي هڪ گلاس پاڻي ۾ اٻاريو، پوءِ ان پاڻي کي ڇاڻي هلڪو گرم ئي پي ڇڏيو، ان سان الٽي ۽ بدهاضمي ختم ٿي ويندي.

بيڪنگ سوڊا

بيڪنگ سوڊا جسم لاءِ تمام فائديمند آهي، اڌ چمچو بيڪنگ سوڊا هڪ گلاس پاڻي ۾ ملايو، اهو پاڻي پي ڇڏيو، ان سان معدي ۾ تيزابيت جو مسئلو ختم ٿي ويندو ۽ بدهاضمي ۾ آرام ملندو.

دار چيني

دار چيني جسم لاءِ فائديمند آهي، ان جو استعمال ڪيترين ئي بيمارين کي پري رکي ٿو، هڪ ڪوپ پاڻي ۾ ٻه کان ٽي ٽڪرا دار چيني جا وجهي اٻاريو، اهو پاڻي هلڪو گرم پي ڇڏيو، اهو بدهاضمي جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.