بغداد (ويب ڊيسڪ) عراق ۾ هڪ اک واري ٻار جي پيدائش ڊاڪٽرن کي حيران ڪري ڇڏيو، ٻار پيدائش جي ڪجهه دير کانپوءِ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.
رپورٽن موجب عراق جي هڪ اسپتال ۾ هڪ اک واري ٻار جي پيدائش ٿي، جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل آهن.
صحت کاتي جي عهديدار موجب عراق جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ عرب خاندان ۾ اهڙي ٻار جنم ورتو آهي، جنهن جي هڪ اک آهي، ٻار جي ولادت جمعي ڏينهن ذي قار ڪمشنري جي الرفاعي اسپتال ۾ ٿي.
عهديدار ٻڌايو ته اهو تمام گهٽ ٿيندو آهي، هڪ اک وارو ٻار پيدائش کانپوءِ ڪجهه دير ۾ ئي لاڏاڻو ڪري ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل تصويرن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ٻار جي واحد اک چهري جي وچ ۾ آهي.
اسپتال جي هڪ ڊاڪٽر ٻڌايو ته اهڙي قسم جا ٻار والدين جي رت ۾ هم آهنگي نه هجڻ سبب پيدا ٿيندا آهن، ڪڏهن حمل دوران جراثيم جي موجودگي به ان جو ڪارڻ بڻجندي آهي.