انسان جي جسم جا سڀ عضوا انسان جي لاءِ انتهائي ضروري آهن اهڙي ئي ريت گڙدن جو به انسان جي صحت لاءِ تمام اهم ڪردار آهي. گڙدا اسان جي رت کي فلٽر ڪندا آهي ۽ جسم مان بيڪار مادن کي خارج ڪندا آهن. جسم جي توازن کي برقرار رکندا آهن ۽ جسم ۾ اليڪٽرولائيٽس جي سطح کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ به وڏي مدد ڏيندا آهن.
دلچست ڳالهه اها آهي ته توهان جي جسم جي رت توهان جي گڙدن مان هڪ ڏينهن ۾ چاليهه ڀيرا گذرندي آهي، انڪري توهان لاءِ اهو ضروري آهي ته توهان پنهنجي گڙدن جي سارسنڀال ڪيو ۽ صحتمند طريقن جي چونڊ ڪري قدرت طرفان مليل تحفن ۽ نعمتن جي پاڻ سنڀال ڪيو نه ڪي انهن کي اڳتي هلي ڪيميڪل مليل دوائن وسيلي سنڀالڻ جي ضرورت پئجي وڃي.
اسان پنهنجي طرز زندگي ۽ خراب عادتن جي ڪري ڏينهون ڏينهن پنهنجي گردن جي صحت کي متاثر ڪري رهيا آهيون ۽ اهي عادتون خاموش قاتل وانگر اندر ئي اندر اسان جي گڙدن کي ختم ڪري رهيون آهن هتي اسان اوهان کي ٻڌائينداسين ته اهي ڪهڙيون عادتون آهن جن کان توهان کي جند ڇڏائڻ گهرجي.
گڙدن کي تباهه ڪندڙ نقصانڪار عادتون ڪهڙيون آهن.
پين ڪلر جو استعمال
هڪ ڳالهه ته توهان ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ٻڌي هوندي پيٽ، مٿي يا جسم جي ڪنهن به حصي ۾ سور هجي ته پين ڪلر استعمال نه ڪيو، ڇو ته اهي گڙدن کي نقصان ڏينديون آهن. اهي پين ڪلر ٽڪيون يا سيون توهان جي سور کي ته گهٽائينديون آهن پر توهان جي گڙدن کي نقصان ڏينديون آهن انڪري توهان کي سور گهٽائيندڙ دوائن جو گهٽ ۾ گهٽ استعمال ڪيو وڃي جيڪي توهان جي جسم تي سڌيءَ ريت اثر ڪن ٿيون.
لوڻ جو استعمال
لوڻ جو استعمال جتي بلڊپريشر جي مريضن لاءِ انتهائي خطرنڪا آهي اتي ئي گڙدن جي صحت لاءِ به خطرناڪ هوندو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اهي کاڌا جن ۾ لوڻ يا سوڊيم گهڻو هجي اهي نه رڳو بلڊ پريشر وڌائيندا آهن پر توهان جي گڙدن کي به متاثر ڪن ٿا. ان جي بدران توهان کي ٻيون جڙيون ٻوٽيون کاڌن ۾ وجهي انهن کي ذائقيدار بڻائڻ گهرجي.
پروسيسڊ فوڊ
ڇا توهان کي خبر آهي ته پروسيسڊ فوڊ يا پڪل کاڌن ۾ سوڊيم ۽ فاسفورس جو مقدار گهڻو هوندو آهي. جيڪڏهن توهان کي گڙدن جا مسئلا آهن ته توهان کي تيز پڪل کاڌن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پيارن کي اهي کاڌا کائڻ کان روڪيو، ٻاهرين کاڌن کان هزار ڀيرا بهتر آهي ته توهان پنهنجي گهر ۾ موجود کاڌا پچايو.
پاڻي
انسان جي جسم جو ستر سيڪڙو حصو پاڻي تي مشتمل آهي انڪري ماهر گهڙي گهڙي اهو چوندا آهن ته گهڻي کان گهڻو پاڻي پيئڻ گهرجي، ڇو ته گڙدن جو ڪم آهي ته اهي جسم مان رت کي فلٽر ڪري ۽ ان جي لاءِ گڙدن کي پاڻي جي ضرورت آهي. هائڊريٽ رهڻ توهان جي جسم کي زهريلي مادن کان صاف ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. نه رڳو ايترو پر پاڻي جو گهڻو استعمال گڙدي جي پٿري کان به محفوظ رکندو آهي گڙدن جي بيمارين کان بچڻ جي لاءِ روز ٽي کان چار ليٽر پاڻي پيئڻ ضروري آهي.
ننڊ
صحتمند ۽ خوشگوار زندگي جي لاءِ ننڊ پوري ڪرڻ انتهائي ضروري آهي جيڪو عمل توهان جي جسم کي جوان بڻائڻ ۾ به وڏو مددگار هوندو آهي جيڪڏهن توهان گهٽ ننڊ ڪيو ٿا ته توهان جلدي ڪراڙا ٿي ويندا آهيو. ننڊ توهان جي گڏيل صحت جي لاءِ تمام ضروري آهي، ٽائمز آف انڊيا جي هڪ رپورٽ موجب گڙدن جي ڪارڪردگي ننڊ جي ذريعي ڪنٽرول ٿيندي آهي ننڊ چوويهه ڪلاڪن تائين گڙدن جي ڪم کي سمجهندي ۽ طئي ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي انڪري صحتمند گڙدن جي لاءِ ۽ انهن جي بهترين ڪارڪردگي جي لاءِ توهان کي ننڊ پوري ضرور ڪرڻ گهرجي.
کنڊ جو استعمال
ائين ٺپ ناهي ته کنڊ جي استعمال سان رڳو شگر جو مرض ٿي ويندو آهي يا جسم ۾ مٺاڻ وڌندو آهي يا وري جسم جو وزن وڌندو آهي. پر گهڻي کنڊ جو استعمال گڙدن جي صحت تي به ناڪاري اثر ڇڏي ٿو، کاڌي ۾ گهڻي کنڊ شگر جي مرض، هاءِ بلڊ پريشر ۽ ٻين بيمارين جو سبب بڻبي آهي جن سان گڏوگڏ اها توهان جي گڙدن جي ڪم ڪار کي به متاثر ڪري ٿي.
سگريٽ واپرائڻ
گڙدن جي صحت جي ڳالهه ڪجي ۽ ان ۾ سگريٽ واپرائڻ شامل نه ڪجي ائين ٿي ئي نٿو سگهي، ڇو ته سگريٽ واپرائڻ جي عادت سڄي جسم سان گڏ ڦڦڙن ۽ گڙدن لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندي آهي. سگريٽ واپرائڻ جي ڪري گڙدن ۾ زهريلا مادا ڀرجي ويندا آهن ۽ گڙدا خراب ٿي ويندا آهن. انکانسواءِ سگريٽ ڪينسر ۾ به مبتلا ڪري سگهن ٿا، جيڪڏهن توهان پنهنجي زندگي سان پيار ڪيو ٿا ته توهان کي سگريٽ کان نفرت ڪرڻ گهرجي.