جسٽس مشير عالم کانپوءِ جسٽس مقبول باقر جي به ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) جسٽس مشير عالم کانپوءِ جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر به سپريم ڪورٽ جي ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي.
ذريعن موجب، جسٽس رٽائرڊ سردار طارق مسعود ۽ جسٽس رٽائرڊ عالم ميان خيل سپريم ڪورٽ ۾ ايڊهاڪ جج طور مقرري تي راضپو ڏيکاريو آهي جڏهن ته جسٽس رٽائرڊ مشير عالم سپريم ڪورٽ جو ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان انڪار ڪيو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس رٽائرڊ مشير عالم جڊيشل ڪائونسل کي خط ۾ لکيو هو ته الله مون کي منهنجي حيثيت کان وڌيڪ عزت ڏني، ايڊهاڪ ججز نامزدگي کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جيڪا مهم هلائي وئي اِها ڏسي مايوسي ٿي، موجودا حالتن ۾ ايڊهاڪ جج طور ڪم ڪرڻ کان معذرت چاهيان ٿو.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ايڊهاڪ جج جي حوالي سان ڪو به جواب جمع نه ڪرايو هو پر هاڻ اطلاع آهن ته جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر به ايڊهاڪ جج بڻجڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آهي.
ٻئي پاسي پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ۾ چار ايڊهاڪ ججز جي هڪ ئي وقت مقرري جو ڪو مثال نه ٿو ملي.
سندس چوڻ هوته 2015 کان سپريم ڪورٽ ۾ ڪنهن به ايڊهاڪ جج جي مقرري ناهي ڪئي وئي ائين ڪرڻ سان ڪيسن جو بار نه گهٽبو پر خدشو آهي ته اِهو قدم جو مقصد پي ٽي آ ءِ جي مخصوص سيٽن بابت آهي، چيف جسٽس کي اهڙي نازڪ وقت ۾ عداتلي تڪرار کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.