مخصوص سيٽن تي حلف کڻندڙ ميمبرن جو سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخصوص سيٽن تي حلف کڻندڙ ميمبرن فيصلي تي نظرثاني لاءِ ذاتي طور سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، اِهي ميمبر ڌار ڌار سپريم ڪورٽ ۾ رٽ پٽيشن داخل ڪندا جنهن ۾ ميمبر موقف اختيار ڪندا ته سندن موقف ٻڌڻ کانسواءِ سندن خلاف فيصلو ڏنو ويو، ميمبرن رٽ پٽيشن جي نڪتن تي مشاورتي عمل به مڪمل ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ميمبرن کي رٽ پٽيشن داخل ڪرڻ جو حڪم سياسي پارٽين ڏنو آهي، ظاهري طور ميمبرن ذاتي طور تي رٽ داخل ڪندا پر کين پردي پٺيان پارٽين جي حمايت حاصل هوندي.
ذريعن موجب، مخصوص سيٽن واري فيصلي خلاف رٽ پٽيشن ايندڙ هفتي سپريم ڪورٽ داخل ڪرڻ جو امڪان آهي.
واضح رهي ته سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت فيصلي اِهو سيٽون پي ٽي آءِ کي ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي نون ليگ فيصلي تي نظر ثاني جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.